جھوڪ شريف / ميرپوربٺورو.(نمائندا) سکر کان نڪتل ايس يو پي جو پنڌ سنڌ مارچ پوڻا ڇهه سئو ڪلوميٽر طئي ڪرڻ بعد ڇويهين ڏينهن ميرپور بٺورو پهتو، پيادل مارچ جي پانڌيڙن جو ميرپوربٺورو پهچڻ تي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ،جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ محاذ جي نعمان شورو سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، واپارين ،صحافين پاران ڀرپور استقبال ڪيو ويو، ميرپوربٺورو جي مين بس اسٽاپ تي مارچ کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو چيو ته جتي سنڌ جي سياست ڪمرشل ٿي ويئي آهي اتي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جمود کي ٽوڙيندي سنڌ جي چوڪ چوڪ تي وسيلن تي قبضي، سنڌ ۾ لٽ مار ۽ ڪرپشن خلاف حڪمران ڌر خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، هن چيو ته وسيلن سان مالا مال سنڌ جا 1400 ارب رپيا ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ هڙپ ڪيا ويا آهن، تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جي نالي ۾ حڪمران ڌر اربين رپين جا فنڊ هڙپ ڪيا ويا آهن، ايس يو پي جي نائب صدر امير آزاد پنھور چيو ته هتي جو مقامي وڏيرو اقتدار خاطر سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ جا وسيلا، سنڌ جون زمينون بچائڻ لاءِ سکر کان ڪراچي تائين نڪتا آهيون ۽ 19 فيبروري تي ڪراچي پهچي حڪمران ڌر جي زيادتين خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو، مارچ کي خطاب ڪندي اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ غلام بڻجي ويئي آهي جنهن مان ڇوٽڪاري جو رستو فقط آزادي آهي، نواز خان زئور چيو ته سنڌ جي اقتداري ڌر هميشه اسلام آباد جي اثر هيٺ رهي آهي ۽ وفاق جي بالادستي سبب سنڌ خوشحال نه ٿي سگهي آهي. ھوڏانھن پيادل قافلو اڄ ميرپور بٺورو جي ڳوٺ احمد خان زئور ۾ سنڌ هائوس تي قيام ڪرڻ بعد سڀاڻي منزل طرف روان دوان ٿيندو. ان کان اڳ جھوڪ شريف پهچڻ تي سياسي سماجي اڳواڻن پاران مارچ جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو. اڳواڻن روشن ٻرڙو جڳديش اھوجا امير آزاد پنھور ۽ ٻين چيوته  شاندار آجيان پيپلز پارٽي سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي روڊن رستن جي حالت خراب آھي ڊجيٽل آدمشماري تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي سنڌ جي عوام ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ٿي.