قصو منهنجي ڇتي ڪوري واري ڊيگهه جي بيماري جو!

0
276

اسان جو بادشاهه  عمران خان نيازي آهي. سندس نيازي اسان کي مهانگائي ۽ بيروزگاري جا تحفا ڏنا ۽ بک جي بيماري عوام ۾ ڦهلجي وئي. بک ۽ اڻهوند جي ڪري گهر گهر ۾ پاڻيپٽ جون لڙايون شروع ٿي ويون. طوطن ماءُ به منهنجي گهر کي دٻي ۽ مياڻي جو ميدان بنائي ڇڏيو. ويلڻ، مهرلي، ٽڦڻي ۽ سونٽي جي لڳاتار حملن منهنجي بدن جي جاگرافي ڦيرائي ڇڏي. منهنجي کاٻي اک هيٺ ۽ ساڄي مٿي ٿي وئي. کاٻي اک ايئن پئي ڦڙڪي جهڙو آئون عشق ڪرڻ لاءِ اک پيو ڀڃان. انهي ڪري بازار وڃان ته شهر جي ماين پادر لاهي مون تي وسڪارا به ڪيا. هڪڙي واڇ لڙڪي صفا تلڪ چاڙهي ٿي پئي. ٻي واڇ ڀائيخان جي چاڙهي وانگر مٿي چڙهي وئي. آئون کلي نه سگهان کلان ته جهڙو گوار پيو کايان. پٺي جو هڏو ايئن سڄي پيو جهڙو اٺ جو ٿوهو هجي. ڍاڪ جو هڏو به ٿڙي ويو. آئون ايئن پيو هلان جهڙو جائو ڪڪڙ ڦلي تي پيو ڦيرا ڏي. پوءِ آئون گهر ڇڏي جهنگ جي هڪ وڏي وڻ هيٺان ايئن وڃي ويٺس جهڙو ڏاگهو ولر کان وڇڙي ويو هجي. اتي مون سوچ، ويچار، گيان ۽ فلسفو شروع ڪري ڏنو. منهنجو موضوع بک هو. مون بک تي هڪ ڪتاب لکيو ان جو عنوان ڏنم“ بک جو فلسفو”. اهو مطالعي ۽ تنقيد لاءِ لال سائين کي ڏنو. لال سائين ان تي اهڙي ڇتي تنقيد ڪئي جو منهنجي ان ادبي پورهئي جا لاهه ڪڍي ڇڏيائين. جوابي تنقيد تي جيڪو ڪتاب لکيائين ان جو عنوان هو “فلسفي جي بک” صفا ڪارل مارڪس وارو ڪم ڪيائين. اهو پڙهي منهنجو اندر سڙي ويو. آئون چاقو، گلول ۽ کانڀاڻي کڻي ساڻس جهيڙو ڪرڻ لاءِ وٽس ويس. هن منهنجي مٿي تي هٿ ڦيري چيو. بابلا! ڪتاب ۾ رڳو ڊيگهه آهي ٻيو ڪجهه ڪونهي. سندس ڳالهه سچي هئي ننڍي هوندي مون صلاح الدين ايوبي جا شيطان جي آنڊي جيڏا ڊگها ناول پڙهيا هئا ته اها بيماري مون ۾ گهر ڪري وئي. ڪنهن مشاعري ۾ وڃان ته 300 صفحن تي لکيل آزاد نظم پڙهان جيڪو ختم ٿئي ئي نه! ته ڪمپيئر مون کي پويان ڪالر مان ڇڪي اسٽيج تان لاهي ڇڏيندو هو. ادبي سنگت ۾ 400 صفحن تي لکيل ڪهاڻي پڙهان ته سنگت جا سڀ ميمبر آهستي آهستي ڪري کسڪيو وڃن. باقي هڪڙو ميمبر وڃي بچي ڪهاڻي ختم ڪري ان کي ڀاڪر پائي چوان “ادا تنهنجي مهرباني جو تو آخر تائين منهنجي ڪهاڻي ٻڌي” اهو چوي باهه ڏيان تنهنجي ڪهاڻي کي آئون چوڪيدار آهيان تون ٻاهر نڪر ته هال کي تالو ڏيان. ڊيگهه واري بيماري ڇتي ڪوري وانگر منهنجي مٿي ۾ ويهي رهي. ڪنهن کي ڪا خير صلا جي ڳالهه ٻڌايان ته ڳالهه ۾ ماضي، حال، مستقبل، حرف، ندا ۽ حرف جملو شامل ڪري ڳالهه ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ سماجي اڀياس به شامل ڪريان ته ٻڌندڙ هٿ ڇڏايو ڀڄيو وڃي. آئون سج لٿي تائين ڀتين کي پيو ڳالهه ٻڌايان. پوءِ مايوس ٿي مون اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا پر ڊيگهه جي بيماري جي ڪري هڪ ته پڙهندڙ بيزار ٿي 360 مٺڙيون مٺڙيون گاريون ڏيڻ لڳا ٻيو وري ايڊيٽوريل پيج جو انچارج صفا ٽرمپ جهڙو ٿي ويو. نيٺ انچارج صاحب مون کي گهرائي مٺي مٺي جٺ جا ڪيئي ڊوز ڏنا چيائين. ادا ڪالم لاءِ هڪ هزار لفظ ڪافي هوندا آهن تون ويهه هزار لفظ ٿو لکين اهي جي ڇاپيان ٿو ته اڌ صفحو تنهنجي حوالي ٿيو وڃي. مون کي پنج ڇهه ڪالم ڏيڻا هوندا آهن. ٻين کي ڪيڏانهن ڪريان. چيومانس ٻين ڪالمن کي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ٻئي ڏينهن ڇاپيو منهنجو ڪالم سڄو ڇاپيو! چيائين ايئن ڪو نه ٿيندو پڻهين جي اخبار ڪانهي ڪا جو حڪم ٿو هلائين! چيومانس اخبار جو نالو “پنهنجي” آهي جيڪا شيءَ پنهنجي هوندي آهي سمجهو ته پنهنجي پيءُ جي هوندي آهي. چيائين جواب بلڪل درست آهي پر ڏاهو ٿي! ڀاءُ ٿي! ننڍڙو ڪالم لک! چيومانس حاضر. انچارج صاحب ڊي پي آر جو قلم لڳائي ننڍڙو ڪالم لکڻ جو پابند بنايو آهي ان ڪري اڄ فقط ايترو ٿو لکان، ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا. واڌو حد ادب فقط توهان جي اڻ ڌوتل پيرن جي ڪلراٺي خاڪ طوطن پيءُ! اهو مختصر ڪالم پڙهي انچارج صاحب کل ۾ اونڌو ٿي پيو چيائين. ادا هي ڪالم ڪونهي هن کي سهڻا سخن يا مختصر خبر چئجي ٿو مهرباني ڪري ٿورو وڌائي لک پوءِ مون ڪالم ۾ ڪجهه سهڻا سخن، ڪجهه مختصر خبرون، ڪجهه ديوين ۽ پرين جا قصا ڪجهه بادشاهن جون ڪهاڻيون، ڪجهه درسي ڪتابن ۾ شامل واهه ڙي تارا گول تارا واريون خبرون، ڪجهه منظور وساڻ جا خواب ۽ ناني نوران جون ٻڌايل آکاڻيون لکيون ته مس وڃي مواد قابل قبول ٿيو. ڪالم اهڙو ڀلو ٿي ويو جهڙو پهلوان مائي فردوس عاشق اعواڻ پئي پريس ڪانفرنس ڪري. خير اخبار جي آفيس مان ٻاهر نڪتس اچي بک کنيو. گس تي هڪ ڪباب ۽ ڊبل روٽي وارو بيٺو هو. آرڊر مٿان آرڊر ڏيئي کائي ڪکون ڀري ڍڪي مينهن جهڙو ٿي پيس. هن 150 جو بل ڏنو چيومانس 5000 جو نوٽ کليو اٿئي چيائين نه! چيومانس ڪيبن تان سگريٽ وٺي پئسا کليا ڪرائي ڏئي ٿو وڃان. آئون ڪيبن تي ويس ۽ اتان کان ايئن گولي ٿي ويس جيئن اسان وارا چونڊيل نمائندا اليڪشن کانپوءِ ووٽرن کان گم ٿي ويندا آهن. اڳتي ويس ته اڳيان پريس ڪلب هو اتي سنڌي ماڻهن نعرا پئي هنيا ڌارين جي آبادي نامنظور! افغان ڀڳوڙا نامنظور، آئون به انهي احتجاج ۾ شامل ٿي  ويس. خوب نعرا هنيم. آخر ۾ انهن جي ليڊر صاحب اهڙي زبردست تقرير ڪئي جو ڇا ٻڌايان. آئون تقرير ٻڌي پنڊ پهڻ ٿي ويس. اتان نڪري ڳوٺ آيس. رات ٿي وئي. طوطن ۽ طوطن ماءُ گهري ننڊ ۾ آهن. منهنجي ننڊ ڦٽي وئي آهي. سوچيان پيو ته اسان سنڌ وارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ورهاڱي وقت ڌاريا پناهگير اسان جي مٿي ۾ لڳا پاڪستان ڄڻ پنجاب سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪو نه هو. فقط اسان وٽ هو. پوءِ لکين بهاري، بنگالي، برمي ۽ افغان ڀڳوڙا به اسان جي مٿي ۾ لڳا وري هاڻي افغانستان تي طالبان جي قبضي کانپوءِ لکين افغاني اسان جي مٿي ۾ لڳن پيا. هتي جا سپوٽ عملدار وري چند هزارن ۾ کين ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ به ٺاهي ٿا ڏين. وفاق اسان جي گئس، بجلي، ڪوئلو، پيٽرول، بندرگاهه جي آمدني کنيو وڃي. اين ايف سي ايوارڊ پورو ڪو نه ڏي. مٿان وري افغانين جي يلغار اسان تي ڇو؟ افغانين جا ٻولي ڀائي ۽ قوميت ڀائي ته ڪي پي  وارا آهن اتي هنن کي ڇو نٿا ترسائين! هتي ناجائز هٿيارن، منشيات ۽ وياج وارو ڪاروبار گهڻو ڪري اهي پٺاڻ ئي ڪن ٿا. پنهنجون مايون ۽ نياڻيون به وڪڻڻ انهن وٽ عيب ڪونهي، ماضي ۾ نادر شاهه، مدد خان ۽ ٻين پٺاڻن اسان سان ڪهڙا ويل ڪيا هئا. هي به انهن جا ڀاءُ آهن. تنهن ڪري هي وقت آهي ته اسان سنڌ جا سڀ ماڻهو افغاني ڀڳوڙن جي آمد خلاف سخت مزاحمت ڪريون. مون کي گرهوڙي صاحب جي هي اڳڪٿي ياد اچي وئي ته،

جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو!