جهڙو پنهون پاڻ

0
228

شاهه حيدر سنائي، شاهه لطيف ۽ جي ايم سيد هڪ ئي نسبي سلسلي جا اهڙا ٽي سنگ ميل (Mile stone)رهيا آهن جن تي سنڌ جي تاريخ کي هميشه فخر حاصل رهندو. مٽياري سيدن جي سنائي شاخ مان شاهه حيدر سنائي، سنڌ جي عظيم محب وطن انسان مخدوم بلاول شهيد جو خاص خليفو ۽ ساٿي رهيو هو. مخدوم بلاول گهاڻي ۾ پيڙجڻ ته قبول ڪيو پر سنڌ تي ڌارين ارغونن جي قبضي خلاف مزاحمت ۽ ويڙهه تان هٿ نه کنيو. اهڙي ريت وطن جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي شاهه حيدر پڻ ڪيترا ورهيه ڪڇ طرف جلاوطن رهيو. مخدوم بلاول، دولهه دريا خان ۽ شاهه حيدر سنائي سنڌ جي حب الوطني واري تاريخ جي لازوال ٽمورتي هئي.

شاهه حيدر کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين وطن جي آزادي لاءِ مزاحمتي روح ڪڏهن به خاموش نه ويٺو آهي. هن ئي خاندان جي نوجوان ڇٽن شاهه جڏهن نادر شاهه افشار جي گهوڙا گهل کي سنڌ شهر طرف وڌندي ڏٺو ته هو گهوڙو روڪي نادر شاهه جي لشڪر آڏو تلوار ڪڍي بيٺو ۽ کانئن فارسي ۾ پڇيائين ته ڪيڏانهن پيا وڃو؟ نادر شاهه نوجوان کي وراڻيو ته تنهنجي شهر تي قبضو ڪرڻ ان تي هن بهادر نوجوان کين هڪل ڪري چيو ته پهرين مون سان مقبلو ڪريو پوءِ منهنجي شهر تي ڪاهه ڪريو. نادر شاهه هن ٻار جي بهادري ڏسي سن تي حملي ڪرڻ کان ٽارو ڪري ويو.

شاهه حيدر جي پيڙهي جو تيرهون سجاده نشين سيد محمد شاهه سنائي سڄي ڄمار انگريزن لاءِ اک جو ڪنڊو رهيو ان ڪري هنن سن شهر ۾ مٿس “چٽي پوليس” ويهاري ڇڏي هئي جيڪا سندس اچ وڃ تي نظر رکيو ويٺي هوندي هئي. انگريزن محمد شاهه مان جان ڇڏائڻ لاءِ مقامي سيدن ۽ سندن ساٿاري چانڊين هٿان کيس فجر مهل مسجد مان موٽندي شهيد ڪرائي ڇڏيو هو. ان وقت سندس فرزند غلام مرتضيٰ عرف جي ايم سيد اڃان هڪ سال جو مس هو. اهڙي ريت شاهه حيدر سنائي جو چوڏهون سجاده نشين، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ زندگي جي پوين پساهن (25 اپريل 1995ع) تائين سنڌ جي خود اختياري ۽ آزادي جو جهنڊو بلند رکيو آيو ۽ گوري سامراج جي جاءِ نشين ڪاري سامراج جي قيد ۾ 32 ورهين کان مٿي جو عرصو نظربند ۽ قيد رهي امام ڪاظم جي سنت تي عمل ڪندي نظربندي ۾ پساهه پورا ڪيائين پر آڻ نه مڃيائين.

هو ڪالهه به ۽ اڄ به سنڌ جي قومي تحريڪ جو رهبر ۽ سمبل (Symbol)آهي. حب الوطني ۽ سرڪشي هن خاندان جي سرشت ۾ شامل رهي آهي. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سيد امير حيدر شاهه، شاهه حيدر سنائي جو پندرهون پڳدار هو. هن ۾ پنهنجي عظيم والد واري سرڪشي، سچائي ۽ حب الوطني وارا گڻ موجود هئا. هو سيايت ۾ به رهيو. سن ٽائون ڪميٽي چيئرمين (1961ع)، قومي اسيمبلي جي ميمبر (1965ع) ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر (1990ع) جي حيثيت ۾ هن جو ڪردار مثالي رهيو.

سن شهر “تر” ڪوٽڙي، دادو توڙي درياهه جي پنهنجي ڪنڌين جي ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانو رهيو. ڪيترا اسڪول کولرايائين، ماڻهن جي عام ڀلائي جا ڪم ڪيائين. سندس زندگي تائين سن شهر ۾ ماڻهن لاءِ پوليس جو آزار نه رهيو. سن ۾ پوليس چوڪي رهي پر مستقل ٿاڻو ڇڇرن ۾ رهيو. هو ماڻهن جي جهيڙن جهٽن ۽ تضادن جا فيصلا خود ڪندو هو ۽ راڄ جي ماڻهن جي مٿان سندس ٻاجهه جو هٿ هميشه رهيو. هن جا فيصلا سڄي سنڌ ۾ مثالي سمجهيا ويندا هئا ۽ فيصلي وقت مکڻ مان وار ڪڍي ڇڏيندو هو. هو فيصلن تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو ۽ ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندو هو. پنهنجي راڄ ۽ دوستن جو مددگار ۽ خيرخواهه رهيو. تڏي جو خان هو. مهمان نوازي والد ۽ وڏن کان ورثي ۾ مليل هئس. هو دوستن جو دوست هو پر مخالفن سان به سندس ورتاءُ پنهنجائپ وارو هوندو هو.

قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پليٽ فارم تان سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. سندس والد صوفي مسلڪ سان واسطو رکندو هو پر امير حيدر شاهه پنهنجي پياري فرزند شهزادي شاهه جي غير فطري موت کان پوءِ اهل تشيعت ڏانهن راغب ٿيو. محرم مهيني ۾ امامن جون مجلسون ۽ نذر نياز ڪرائيندو هو. پوءِ به ٻين فرقن سان سندس رويو “صلح ڪل” وارو رهيو. چور چڪار لچ لوفر امير حيدر شاهه جي نالي کان ڇرڪندو هو. هو جڏهن ڏاڍن مڙسن ڏانهن هلي ويندو هو ته سندس منصف مزاجي ۽ حشمت آڏو جهڪي پوندا هئا. هو سن جي ڪنڌي جو ڪنڌار ۽ ڪوهستان ۽ جبل جي ماڻهن لاءِ جهونجهار مڙس هو. سائين جي ايم سيد سان واسطو رکندڙ سنڌ جا سمورا خاندان سندس وڏو احترام ڪندا هئا ۽ هو به زندگي جو سمورو عرصو ساڻن نڀائيندو آيو. سيد امير حيدر شاهه سياست کي خانداني ورثو نه سمجهندو هو تڏهن ته 5 آڪٽوبر 1995ع تي پنهنجي دستاربندي جي موقعي تي جهوڪ، ڀٽ شاهه، مخدوم بلاول، بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين درگاهن جي گادي نشينن، تر ۽ راڄ جي چڱن مڙسن ۽ قومي ڪارڪنن جي آڏو برملا تقرير ڪندي چيائين ته “رهبر سنڌ، سائين جي ايم سيد جي چاليهي جي موقعي تي مون کي سائين جي خانداني توڙي سياسي جاءِ نشيني جو بار کڻڻ لاءِ چيو ويو هو پر اسان جي خاندان گڏيل فيصلو ڪيو هو ته بابا سائين جي تعليمات موجب سياست خانداني ورثو نه ٿيندي آهي ۽ سياست کي خانداني ورثو بنائڻ جاهلاڻو دستور آهي.

سياسي ميدان ۾ هر لائق ۽ صالح ماڻهو ئي ڪنهن سياسي ورثي ۽ قومي تحريڪ جي قيادت سنڀاليندو آهي. اسان رهبر سنڌ جي آزادي واري قومي تحريڪ جا ٻانهن ٻيلي ضرور رهيا آهيون ان ڪري اسان اها ڳالهه آڏو رکي قيادت کان پاسو ڪيو ۽ خاندان ۽ قومي ڪارڪنن جي گڏيل مشوري سان قومي تحريڪ جي قيادت محترم عبدالواحد آريسر جي حوالي ڪئي وئي جيڪو بابا سائين جو ساٿي آهي ۽ جنهن ان راهه ۾ عذاب به سَٺا آهن. اهڙي طرح اسان چاهيون ته اسان جي خانداني سهڪار سان قومي تحريڪ آزاد نموني هلڻ گهرجي ان ڪري خانداني دستاربندي وارو پروگرام چاليهي جي موقعي تي ملتوي ڪيو ويو.” امير حيدر شاهه جو وجود سن، تر، خاندان توڙي قومي ڪارڪنن لاءِ ڇپر ڇانو وارو رهيو. هو سهپ ۽ رواداري جو مجسمو هو. سنڌ جي تهذيبي روايتن ۽ وڏن جي اوصاف کي برقرار رکڻ جي سڄي عمر ڪوشش ڪيائين. هن جي وڏ ماڻهپائي جا ڪيترائي مثال موجود آهن. هو قومي ڪارڪنن سان نه رڳو پيار پر سندن احترام به ڪندو هو. آئون پاڻ سان لاڳاپيل ٻه واقعا هتي بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو.

1990ع واري ڏهاڪي ۾ گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد جو پرنسپال سيد علي اڪبر شاهه ۽ سندس ذاتي دوست آءِ بي جو سربراهه اغوا ٿي ويا هئا. پروفيسر لياقت عزيز مون تي ڪم رکيو ته سائين امير حيدر شاهه سان ملي کوسن ڌاڙيلن وارو پاسو صاف ڪرائي اچ. آئون سائين امير حيدر شاهه وٽ ويس پاڻ بنا دير گاڏي ڪڍي مون سان گڏ ڀٽ شاهه جي طرف هڪ کوسي سردار سان هلي مليا ۽ ان کي پاڻ سان کڻي راڄڙي ٻيلي ڌاڙيلن جي دُن ۾ بيخوفي سان هليو آيو. ڌاڙيلن جڏهن امير حيدر شاهه کي کوسي سردار سان گڏ ڏٺو ته ششدر ٿي ويا ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳا ته “سائين ڪم ڪار هو ته چورائي موڪليو ها پاڻ هلي ڇو آيا؟” امير حيدر شاهه کين مون ڏانهن اشارو ڪري چيو ته “هي بابا سائين جو ساٿي آهي ان جي حڪم تي اوهان وٽ آيا آهيون. پنهنجو تر ۽ سنگت ساٿ صاف ڪري ڏيو” احوال ٻڌي ڌاڙيلن وراڻيو ته اسان ۽ اسان جي دوستن وٽ اهي ماڻهو ڏهن سالن ۾ به ثابت ٿيا ته هو ڏنڊ ڏوهه ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اڳتي هلي سائين علي اڪبر شاهه ۽ آغا سڪندر وارا ڄام شوري ۽ ڪوٽڙي جي ڪنهن وڏي ماڻهو وٽان دستياب ٿيا جنهن کين شاگردن جي کڙتالي گروپن هٿان اغوا ڪرايو هو  پر امير حيدر شاهه جو مهل تي اٿي پوڻ ۽ سندس حشمت ۽ اثر جو مون کي اکين ڏٺو مشاهدو ٿيو.

ٻئي ڀيري منهنجي ڀائٽي نثار احمد جويي جي پٽن جي طوهرن جو ڪاڄ هو. سائين امير حيدر شاهه کي به سڏ هو. ڇنو سرائي وزير احمد سولنگي سن واري جي اوطاق ۾ هو. سائين امير حيدر شاهه سڏ ڀرڻ آيو. جڏهن موڪلائڻ وقت کين اڳيان هلڻ لاءِ چيو ويو ته پاڻ مون کي پنهنجي ٻانهن مان وٺي اڳيان ڪري چيائين “آئون بابا جي ايم سيد جو خانداني ۽ نسلي وارث آهيان، اوهان سائين جا ساٿي، صحبتي ۽ سياسي وارث آهيو. اوهان جو مان اسان کان مٿي آهي.” سندس لفظ ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ سائين امير لاءِ منهنجي دل ۾ احترام تهائين وڌي ويو. شاهه لطيف شايد اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چيو آهي ته

جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سِٽا ساٿ جي!