ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته ننگرپارڪر ۽ ڀنڀور کي عالمي هيرٽيج لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ثقافت کاتو اڳ ۾ ئي دستاويز تيار ڪري يونيسڪو ڏانهن موڪلي چڪو آهي، هاڻي ڪوشش ڪئي ويندي ته موهن جي دڙي مان مليل قديم ساز ”بوڙينڊو” کي ورلڊ هيريٽيج لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ، جنهن لاءِ گهرجون جلد مڪمل ڪيون وينديون. ڪالهه اطالوي ترقياتي مشن ۾ شامل بيني ۽ هارون احمد سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي يونيسڪو طرفان عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي، ڀٽائي جو پيغام سموري عالم انسانيت جي خوشحالي جو پيغام آهي، هن اطالوي وفد کي ٻڌايو ته هيريٽيج انسٽيٽيوٽ جي اسڪيم تي آگسٽ کان عمل ٿيندو