نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان باڊهه روڊ تي چنگچي رڪشا ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب سکا کڻي ويندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾15عورتن ۽ 5 ٻارڙن سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات رخسانا، گلابي، ارباب خاتون، تاج بيبي، نصرت، آمنا، ريما خاتون، سيما خاتون، نائلا، حاجران، افسانا، شاھد علي، فرحان علي ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي نصير آباد رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان کين لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. حادثي ۾ زخمي ٿيلن جو تعلق ڳوٺ آڏي لاشاري سان آهي، جيڪي ڏوڪري ڀرسان بگي ٻندي پير تي سکا کڻي وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو.