قبو سعيد خان واسي نوجوان بلوچستان ۾ قتل

0
207
ڪراچي: اورنگي ٽائون

قبو سعيد خان (ن پ ا) قبو سعيد خان واسي نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور کي بلوچستان ۾ قتل ڪيو ويو، ٽيڪسي ڊرائيور بدرالدين کوسو کي نامعلوم جوابدارن شهدادڪوٽ مان ڪار ٽيڪسي بهاني وٺي وڃي بلوچستان جي علائقي اوستامحمد ڀرسان گوليون هڻي کيس قتل ڪرڻ بعد جوابدار ڪارسميت فرارٿي ويا، نوجوان جي قتل جو خبر پوڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ تونڪلي خان کوسو جي رهواسي نوجوان ٽيڪسي ڊرائيور بدرالدين کوسو ولد محمد آچر کوسو جو بلوچستان جي علائقي مان گوليون لڳل لاش مليو آهي، اطلاع ملڻ تي اوسته محمد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوسته محمد منتقل ڪيو، مقتول جي مامي ڀٽاخان کوسو سئوٽ سردار علي کوسو ٽائيم نيوز سان کي ٻڌايو ته مقتول جو لاش کڻي اچڻ لاءِ بلوچستان جي شهر اوستامحمد روانا ٿي ويا آهيون، ظالمن وڏو ظلم ڪيو آهي.