ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، ڀتا خور گرفتار

0
225

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي پوليس سان گڏ نيو ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري ڀتا خور کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب ڪارروائي دوران ڀتو وصولي ۾ ملوث جوابدار زبير احمد عرف تاج محمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ترجمان موجب جوابدار واپاري کان 5 لک ڀتو گهريو، ڀتو نه ملڻ تي هن واپاري کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون.