قاضي احمد ( ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ پ پ اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي بنگلي تي نواب شاهه واسي ٽرانسپورٽر جان محمد مگسي جي فرياد تي سکر پوليس پاران چڙھائي ڪري بنگلي ۾ داخل ٿي ملازمن کي هراسان ڪرڻ واري معاملي خلاف شھرين ۽ سماجي اڳواڻن طرفان ڏنل شٽربند هڙتال جي سڏ تي قاضي احمد شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪري مک ڪاروبار بند ڪيو ويو. ان دوران شاھي بازار، ريشم گھٽي، ريڊيو بازار، پراڻي بازار، آفتاب مارڪيٽ، سردار مارڪيٽ سميت ٻيا علائقا مڪمل طور بند رهيا. ان بعد ايڊمور پمپ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حاجي خان لاکو، حاجي رضا محمد مهر، امين انڙ، هدايت الله چانڊيو، محمود جوکيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شير محمد انڙ ۽ سندس خاندان امن پسند شريف سياسي سماجي ۽ راڄوڻي خاندان آهي مٿن ٽرانسپورٽر جان محمد منگسي وياج جي پئسن نه ڏيڻ جو الزام ھنيو سکر پوليس سندس ونگار وھندي رئيس شير محمد انڙ جي بنگلي تي چڙھائي ڪئي اتي موجود سندس ماڻهن کي هراسان ڪيو. ھنن چيو ته سکر پوليس سميت سڀني وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن پ پ جي اعليٰ قيادت پاران نوٽيس وٺڻ ۽ انڪوائري مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آباد سکر ٿاڻي جي ايس ايچ او نويد ميمڻ کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آھي.