مٺي (رپورٽر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ رائلو رند ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ميگهواڙ برادريءَ جا 22 گهر سڙي رک بڻجي ويا، 3 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون. ڳوٺ رائلو رند ۾ هڪ گهر کي لڳل اوچتو باهه فائربرگيڊ عملو دير سان پهچڻ ۽ ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ميگهواڙ برادريءَ جي سڄي پاڙي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 22 پورهيتن سومجي، گرڌاري، ڪرتو، راڻو، کيتو، گڙسو، ڏيال، ڪيسرو، جھامن، کينئرو، چندو، سومار، ڪاھو، ڀورو، ھيمون، ڪرشن ميگھواڙ ۽ ٻين جا گهر سڙي رک جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا. جڏهن ته گهرن ۾ بيٺل 3 ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون. گهرن ۾ پيل ضرورت جو سمورو سان سڙي خاڪ ٿي ويو. مٺيءَ ڏيڍ ڪلاڪ بعد فائر برگيڊ عملي متاثر ڳوٺ ۾ پهچي باهه تي ضابطو آندو. گهرن کي باهه لکڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيوآھي. باهه جي اطلاع بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس ايچ او مٺي ڳوٺ رائلو رند پهچي متاثرن سان همدردي جو اظھار ڪيو. هوڏانهن باهه متاثر نٽھڻ گرميءَ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آھن، آخري اطلاعن تائين ڪنهن به سندن سار نه لڌي هئي.