قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ پرائمري استادن پاران ناانصافين ۽ زيادتين خلاف پ ٽ الف تعلقي صدر عبدالحميد ڪلھوڙو، محمد شريف انڙ، لطف الله جوکيو، اعظم ڏاھري، ارشد آرائين، زين ڪلوئي، محمد عيسيٰ مھر، شاھنواز ڏاھري ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ مين پرائمري بوائز اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري نٽھڻ اس ۾ قومي شاھراهه تي احتجاج طور ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي استاد تنظيم جي اڳواڻن عبدالحميد ڪلھوڙو، محمد شريف انڙ، اشرف بروھي، امداد خاصخيلي، اي ڊي جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي الزام مڙھيو ته ٽي او استادن سان ناانصافيون ڪري رھيا آھن. استادن کان جائز ڪمن لاءِ رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. رشوت نه ڏيڻ تان کين رلايو پيو وڃي ۽ استادن جون جبري بدليون ڪري کين پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ پگھارن مان ناجائز ڪٽوتيون پڻ ڪيون پيون وڃن. ھنن چيو ته استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ نيشنل بينڪ مان نڪتل استادن جا پئسا واپس ڪرائي ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ پھرين جون کان نيشنل بينڪ خلاف احتجاج ۽ ٽي او آفيس قاضي احمد جو گھيراءُ ڪيو ويندو ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽي او فرمان علي گپچاڻي چيو ته استادن جاجائز مسئلا حل ڪيا آھن استاد يونين اڳواڻ بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ۽ ڪوڙا ڊفرنس بل صحيح ڪرائڻ چاھين ٿا ان لاءِ مون مٿان غلط الزام ھڻي رھياآھن جن ۾ ڪا به صداقت ناھي.