قادرپور ويجهو گهر کي باھه، عورت سڙي فوت

0
253

گهوٽڪي (رپورٽر) قادرپور ويجهو گهرن کي باھه لڳي وئي، ھڪ عورت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پھتو، ڳوٺ محب سندراڻي ۾ گهر کي باهه لڳي وئي، مٺل سندراڻي جي گھرواري مسمات بچائي سڙي فوت ٿي آھي، جڏهن ته 3مينهون به سڙي مري ويون، اطلا باوجود فائربرگيڊ جو عملو واقعي واري هنڌ نه پھتو.