ڪوٽ غلام محمد ويجهو اڌڙوٽ شخص جو وڻ مان ٽنگيل لاش هٿ

0
234

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڊگهڙي روڊ واسي50ورهين جي لالو پٽ ھرچند ميگهواڙ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي ڪوٽ غلام محمد پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش وڻ مان لاهي تعلقا اسپتال پهچايو، آپگهات ڪندڙ لالو ميگهواڙ جي گهر واري گنوري جو چوڻ هو ته مڙس لالو شراب واپرائيندو هو ۽ سڄو ڏينهن گهر جهيڙو ڪندو رهندو هو ۽ گذريل رات کان گهران نڪتل هو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.