پيرس (م ڊ) ايف اي ٽي ايف جو ورچوئل اجلاس شروع، پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ بابت فيصلي جو امڪان آهي. فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي هيڊڪوارٽر پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جو اجلاس 21 جون کان 25 جون تائين جاري رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي 27 مان 26 نقطن تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، فيٽف اجلاس جو ميزبان ملڪ فرانس ۽ ڀارت پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جا مخالف آهن. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي وڌيڪ اڪٽوبر 2021ع تائين ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏو گڏ پاڪستان جي قدمن جي ساراهه به ڪئي ويندي، پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکڻ جي فرانس سفارش ڪندو.