فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي ۾ ڪتن هڪ ڏينهن اندر ٽن معصوم ٻارن سميت 15ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، شاهد حسين، غلا علي، سڪينه، دلبر اوڏ، سانور خاصخيلي، مراد علي، محمد دين، علي حيدر کي اسپتال ۾ قائم اينٽي ريبپز سينٽر آندو ويو جتي انتظاميا ويڪسين ڪرڻ کان انڪاري ڪري سمورن ماڻهن کي واپس ڪري ڇڏيو، اسپتال انچارج ڊاڪٽر فدا حسين لاشاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عدالتي حڪم مليو آهي ته جنهن به ماڻهو کي ڪتو ڏاڙهي اهو پهريان ٽائون آفيسر، يوسي سيڪريٽري، ايم پي اي يا ايم اين اي تي ڪيس داخل ڪرائي ڪاپي کڻي اچي يا ٿاڻي جو ليٽر کڻي اچي بعد ويڪيسن ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙو حڪم سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ فيض گنج جي عدالت کان مليو آهي، ويڪيسن موجود آهي، عدالتي حڪم تي عمل ڪندي متاثرن کي ويڪيسن نه ٿا ڪري سگهون. ڪتي ڏاڙهيل حد جي ٿاڻي تي ليٽر وٺڻ پهتا، پوليس متاثرن کي چيو ته اسان کي به حڪم مليو آهي ته ڪتي ڏاڙهيلن جي تصديق بعد لاڳاپيل عملدارن تي ڪيس داخل ڪري متاثر ماڻهن کي ڪتي ڏاڙهيلن کي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪيو وڃي. پوليس پاران اهڙو جواب ملڻ بعد ڪتي ڏاڙهيل ماڻهو پريشان آهن، پرائيويٽ طريقي سان ڪتن جي ڏاڙهڻ جي بچاء واري وئيڪسين پئيسن سان خريد ڪري لڳرائي آهي.