ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪتا مار مهم نه هلڻ سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 28 ڄڻن کي ڪتن چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي وارثن پاران وئڪسين لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، رپورٽ موجب فيض گنج تعلقي ۾ ڪتن هڪ ڏينهن اندر ٽن معصوم ٻارن سميت 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، شاهد حسين، غلا علي، سڪينه، دلبر اوڏ، سانور خاصخيلي، مراد علي، محمد دين، علي حيدر متاثرن ۾ شامل آهن، قمبر ۾ رولو ڪتن 4 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ سرتاج، 10 سالن جو اجمل، 45 سالن جي مختيار علي ۽ 48 سالن جي گلاب شامل آهن. پيروسڻ جي ڳوٺ محمد پنجل شر ۾پورهيت علي مراد شر کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ڀريا سٽي ۾ رولو ڪتن عورت سميت 5 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، زخمين ۾ عرس ڪلھوڙو، ممتاز، دين محمد، عرفان ۽ عورت صنم شامل آهن، ٻي طرف چونڊڪو ۾ ڪتن 9 سال جي شھزادو ڀنڀرو، 8 سال جي سرينا ۽ 7 سال جي افضل کي ڏاڙهي وڌو، زخمين کي وارثن پاران ڌار ڌار وئڪسين لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.