فيض گنج (ن پ ا)فيض گنج پوليس نائين ڪلاس جي شاگرد دانش پٽ شاهن چانگ مٿان23 ون اي پسٽل هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.شاگرد کي پوليس رمانڊ لاءِ ٺري ميرواهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت 14ڏينهن جي ريمانڊ تي شاگرد کي جوڊيشل لاڪ حوالي ڪري ڇڏيو. شاگرد جي پيءُ شاهن چانگ عدالت کي وڪيل معرفت درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته دانش چانگ کي وڏيرن ڳوٺ ٻاهران پڪڙي تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو .عدالت جي حڪم تي شاگرد جو ميڊيڪل فيض گنج اسپتال مان ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽر فدا لاشاري ٻڌايو ته شروعاتي رپورٽ ۾ شاگرد جي جسم مٿان سڪن ڌڪن جا نشان هئا، ميڊيڪل رپورٽ ٻن ڏينهن بعد ايندي ان مان خبر پوندي ته هن تي تشدد ٿيل آهي يا نه شاگرد جي پيءُ شاهن چانگ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته پٽ نائين ڪلاس جو شاگرد آهي ڳوٺ ٻاهران بيٺل هو ته برادري جي بااثرن وڏيرن بناجواز هن کي پڪڙي تشدد ڪرڻ بعد پوليس کي گهرائي پوليس کي رشوت ڏئي هٿ سان پسٽل لڳائي هن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. فيض گنج پوليس ٻڌايو ته گشت دوران دانش چانگ وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري هن کي گرفتار ڪيو آهي رشوت وٺڻ جا الزام غلط آهن