فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج جي ڳوٺ عبدالطيف شر ۾ 45 سال جي هادي بخش شر مبينا طور زهريلون گوريون کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن اسپتال ۾ داخل ڪرايو. جسقم اڳواڻ عطا حسين شر فيض گنج ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ برادري جي حاجي علي محمد شر، سندس پٽ غلام اصغر شر، هادي بخش شر کي مارڪٽ ڪري منهنجي ڀاءُ جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي هئي. ڄاڻايل ماڻهو ڀاءُ کي ڌمڪيون ڏئي حراسمنٽ ڪندا هئا جنهن ڪري هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فيض گنج پوليس ٻڌايو هادي بخش جي خودڪشي واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس سندن ڳوٺ وئي هئي پر ڄاڻايل ماڻهو هٿ اچي نه سگهيا آهن معاملي جي جاچ جاري آهي جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.علي محمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برادري فيصلو ٿيو هو، گهريلو مسئلي تان زهر پيتو اٿائين، اسان جو ڪو واسطو ناهي.