ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ نواب محمد حسين جي رهواسي 30سالن جي لبو ڪولهي بک بد حالي ۽ بيروزگاري سبب زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڳوٺاڻن وقت تي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو جتي ڊاڪٽرن پيتل زهريلي دوا معدي کان ڪڍي سندس زندگي بچائي ورتي، بک بدحالي ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪندڙ نوجوان لبو ڪولهي هاڻي خطري کان ٻاهر آھي ۽ اسپتال داخل آھي.