ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا)ڪوٽ غلام محمد لڳ ڪوٽ ميرس ويجهو ديهه267 ۾پنهنجي ماءُ کان ڪاوڙجي 17سالن جي شريمتي گنگا ڌيءُ مائوجي ڪولهي گهر اندر پيل زهريلي جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو ويو جتي اسپتال جي دروازي تي پهچندي فوت ٿي وئي، جنهن جي مرڻ جي تصديق ڊاڪٽر ڏسي پڻ ڪئي. جڏهن ته واقعي بابت پوليس کي اطلاع پڻ ڏنو ويو، لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ناريءَ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.