ريو ڊي جنيرو(دلچسپ نيوز) فيصلا هاڻي ڳالهين بدران باڪسنگ رنگ ۾ ٿيندا، سياستدانن انوکو طريقو ڳولي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برازيل ۾ ٻن سياستدانن برازيلين ميئر ۽ اڳوڻي ڪائونسلر پنهنجو تڪرار نبيرڻ لاءِ باڪسنگ رنگ جي چونڊ ڪئي، ميئر ۽ اڳوڻي هاري ڪائونسلر وچ۾ مڪسڊ مارشل آرٽس مقابلو ٿيوجنهنکي ڏسڻ لاءِ تماشائي به پهتا جڏهن ته امپائرنگ به ڪئي وئي. ٻنهي وچ۾ واٽر پارڪ جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، مقابلي ۾ ميئر کٽي ويو ٻنهي ڄڻن هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي تڪرار نبيريو.