نيويارڪ/ ماسڪو(دلچسپ نيوز) روس جي نشرياتي اداري دعويٰ ڪئي آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ کي هيڪرن طرفان هيڪ ڪيو ويو هو جنهن سبب ڏيڍ ارب واهپيدارن جو ڊيٽا چوري ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سماجي رابطن جي ويب سائيٽن طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنيڪل خرابي سبب فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام 6 ڪلاڪ بند رهيون.سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز انتظاميا طرفان سڄي دنيا ۾ پکڙيل پنهنجي سمورن واهپيدارن کا معذرت به طلب ڪئي وئي آهي پر روس جي نشرياتي اداري ان حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته فيس بڪ ڏيڍ ارب واهپيدارن جو ڊيٽا وڪرو ڪرڻ لاءِ هيڪرز فورم تي پيش ڪيو آهي.روسي نشرياتي اداري موجب جيڪا ڊيٽا وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ واهپيدرن جا فون نمبرز، اي ميل، لوڪيشن ۽ يوزر آءِ ڊيز به شامل آهن.روسي اداري طرفان ڪيل دعويٰ جي في الحال ذريعن وٽان تصديق ناهي ٿي سگھي.