ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پنهنجي بي مثال ڊانس جي ڪري مشهور اداڪارا نورا فتيحي تازو ئي پنهنجي ماضي جي حوالي سان هڪ وڏو انڪشاف ڪيو آهي.اداڪارا ڀارتي ٽيلي ويزن جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته نوجواني ۾ ”ويٽريس“ طور ڪم ڪيو.نورا ٻڌايو ته 16 کان 18 سالن تائين مان واڌو آمدني جي لاءِ ڪينيڊا ۾ هڪ ريسٽورينٽ ۾ ويٽريس طور ڪم ڪيو، اها ملازمت تمام گهڻي ڏکي هئي، ان جي لاءِ توهان جي شخصيت سُٺي هئڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ ڳالهائڻ جي انداز ۾ به بهترين صلاحيت هجڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته ان جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته توهان جو حافظو به سُٺو هجي، ڪسٽمر جي موڊ جي خبر ناهي هوندي انڪري توهان کي هر صورتحال لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي.واضح رهي ته انکان اڳ اداڪارا نورا انڪشاف ڪري چڪي آهي ته هن پنهنجي سڀ کان پهرين نوڪري هڪ شاپنگ مال ۾ ريٽيل سيلز ايسوسيئيٽ طور ڪئي هئي، جنهن وقت ان جي عمر 16 سالن جي هئي ۽ هوءَ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندي هئي.