فيس بوڪ به سڀني لاءِ ڪمائي جا دڳ کولي ڇڏيا

0
141

 پهريان اسان وٽ رڳو يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ يا انسٽاگرام تي ڪمائي جي سهولت هئي پر هاڻ فيس بوڪ به ڪمائي جا دڳ کولي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن به فيس بوڪ تي ڪمائڻ چاهيو ٿا ته ڪجهه سيٽنگز ڪرڻي پوندي، دنيا جي مقبول ترين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بوڪ سمورن صارفين لاءِ پروفيشنل موڊ جو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جي مدد سان آمدني حاصل ٿيندي.

                         پروفيشنل موڊ جي آزمائش ڪمپني پاران ڊسمبر 2021ع ۾ آمريڪا ۾ شروع ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي سمورن واهپيدارن لاءِ اها سهولت متعارف ڪرائي وئي آهي. پروفيشنل موڊ ڪنهن تائين فيس بوڪ پيجز سان ملندڙ جلندڙ فيچر آهي جنهن سان صارفين ان سوشل نيٽ ورڪ تي پنهنجي مواد تي ڪمائي حاصل ڪري سگهندا.

                         پروفائيل کي پروفيشنل موڊ ۾ تبديل ڪرڻ بعد صارفين کي ايناليٽڪس ٽولز ۽ آمدني حاصل ڪرڻ ۾ مددگار فيچرز سان فيس بوڪ ريلز پلي بونس پروگرام تائين پهچ ملي ويندي، جتي پنهنجي مختصر وڊيوز کان پئسا ڪمائي سگهو ٿا. پروفيشنل موڊ سان صارفين ريلز، لائيو ۽ وڊيو آن ڊمانڊ فالوئرز سان سڌي ريت رقم حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام اسٽارز تائين به پهچ حاصل ڪري سگهندا.

ڪمپني پاران پروفيشنل موڊ استعمال ڪندڙ محدود صارفين تي فيس بوڪ ريلز ۾ اشتهارن جي آزمائش به ڪئي پئي وڃي، ڪمپني موجب ان موڊ سان عالمي سطح تي فالوئرز وڌائڻ سان گڏوگڏ صارف پنهنجي دوستن ۽ گهروارن سان رابطي ۾ رهي سگهندا.

پروفيشنل موڊ ڇا آهي؟

سولن ۽ سادن لفظن ۾ ته پروفيشنل موڊ اهو صارفين جو هڪ پيج آهي جيڪو بلڪل ايئن ڪم ڪندو آهي جيئن اوهان انسٽاگرام اڪائونٽ کي پروفيشنل موڊ ۾ تبديل ڪندا آهيو، فيس بوڪ موجب پروفيشنل موڊ سان تخليقارن کي هڪ ڌار پروفائيل ۾ پنهنجي پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي جنهن لاءِ مختلف ٽولز ۽ فيچرز موجود هوندا.

پروفيشنل موڊ ڪيئن اختيار ڪريو؟

پروفيشنل موڊ لاءِ صارفين کي پنهنجي فيس بوڪ پروفائيل ۾ وڃي ايڊٽ پروفائيل جي برابر 3 ٽٻن واري آپشن تي ڪلڪ ڪري لسٽ ۾ وڃڻو پوندو، جنهن ۾ هيٺ وڃي ڏسندا ته پروفيشنل موڊ جو آپشن موجود هوندو جنهن کي ڪلڪ ڪري ٽرن آن ڪرڻو پوندو.