خاموش جھدوجھد لاءِ قيادت گھرجي

 

شينھن فطري طور تي آدم خور ناھي ھوندو، پر مڙني جانورن مان شينھن دشمن خور وڌيڪ ھوندو آھي. شينھن جنھن کي پنھنجو دشمن سمجهي وٺي انھي کي ڪنهن به حال ۾ ناھي بخشيندو. عام حالتن ۾شينھن ماڻھو کي ڏسندو آھي ته ڪن لاٽار ڪري نڪري ويندو آھي. پر اھڙا شڪاري جن وٽ سٺا ھٿيار نه ھجن ۽ اناڙي پڻي سان شينھن تي فائز ڪري ڇڏين اڪثر ڪري اھي شينھن کي ماري نه سگھندا آهن. بلڪه زخمي ڪندا آهن. اھي ئي زخمي شينھن آدم خور بڻجي ويندا آھن انسانن کي پنھنجو دشمن سمجھي وٺندا آھن جڏھن به انساني صورت ۾ ڪنھن به شخص کي ڏسندا آھن ته کيس ختم ڪرڻ بنا ناھن ڇڏيندا . اھو زندگي جو قانون آهي .ھڪ انسان جو معاملو ھجي يا قوم جو ٻنھي صورتن ۾ دنيا جو اصول ائين ئي آھي جنھن دشمن کي ختم نٿا ڪري سگھو انھي کي زخمي به نه ڪريو ڇو ته زخمي دشمن اوھان جي لاءِ پھريان کان به وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. ھڪ شخص اوھان جو دشمن ھجي اوھان بنا تياري جي مٿس وار ڪريو ته اھو پنھنجي قبر پاڻ کوٽڻ جي برابر آهي. انھي قسم جي ڪمن پويان اوھان جي بي صبريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناھي ھوندو. جن ماڻھن قومن وٽ سھولتون صلاحيتون نه ھجن اھي سوچي سمجھي منصوبابندي ڪن. خاموش جدوجھد جي ذريعي پنھنجي پاڻ کي مضبوط قدم کڻڻ جي قابل بنائن. اھي ماڻھو جيڪي دشمن تي سطحي وار ڪندا آھن اھي دشمنن کي ويتر ھوشيار خطرناڪ بڻاھي ڇڏيندا آھن پوءِ شڪايتن احتجاجن جا دفتر کولي ڇڏيندا آهن. ھن دنيا ۾ روئيندڙ قومن  يا ماڻھن جي ڪا قيمت اھميت ناھي. ڪجههه ڏينھن اڳ ڌارين جا ڪاروبار ھڪ ٻن ڏينهن تائين بند ڪرائي کين وڌيڪ ھوشيار ڪري وري عام رواجي ڪاروهنوار ۾ لڳي کين وڌيڪ مضبوط ھوشيار ڪيو ويو. جيڪي مسواڙ تي ويٺل ھئا انھن پنھنجون پراپرٽيز وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون . ڪاروبار ڪرڻ مھل وڌيڪ محتاط ٿي ويا سندن رويو تبديل ٿي ويو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڇڙوڇڙ ويٺل ھئا سي گڏجي رھڻ لڳا مقامي مزدورن کي گھر ڀيڙو ڪري سندن جاءِ تي پنھنجا ماڻھو گھرائي ورتائون. وڏن شھرن ۾ تعصبي خاموش سرگرميون شروع ٿي ويون. جنھن جا نتيجا ڪڏھن مڇر ڪالوني ته ڪڏهن ڪورنگي وارن واقعن جي صورت ۾ ظاھر ٿيا. اھي پروپيگنڊا ڪن ٿا ته اسان جي اڪثريت ڊڪيٽ آھي اھي ماڻھن کي ٻڌائين ٿا اسين ڪم چور نڪما پينو آھيون.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

مير خادم جو کاھوڙي ڪردار!

 

تعليم ظلم ۽ جھالت کي ختم ڪرڻ ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو نالو آھي. اڄ ان شخص جو تعارف ڪرائيندس جنھن ھميشه عملي زندگي ۽ لڳاتار محنت کي ئي ترجيع ڏني آھي. سسئي جي پنھون لاءِ ترپندي تڙپندي جبل جا اڙانگا ڏکيا پنڌ پار ڪيا. پاڻ پنھون ٿي سور سانڍيا. مير خادم ٽالپر به ھڪ غريب گھراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ سندس پيشو پڙھڻ ۽ پڙھائڻ آھي. سٺا استاد قوم جي عڪاسي ۽ روشن خيال ھوندا آھن ۽ انھن جي عظمت کي سلام. انھن استادن مان مير خادم حسين ٽالپر  آھي، جنھن صرف علم حاصل ڪرڻ جي تڙپ ئي زندگي ۾ رکي آھي. ائين مير خادم به استاد واري پيغمبري پيشي کي ترجيع ڏني. سندس تعلق ھڪ تاريخي ڳوٺ  ڪوٽ مير محمد باقر ٽالپر داڙا واھڻ سان آھي. هن استاد مير الاھي بخش ٽالپر جي گھر 16 مارچ 1972ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم به پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. محنت ڪري سکر بورڊ مان مئٽرڪ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. انٽر گورنمينٽ سپرئير سائنس مان ڪئي، سندس والد 1990ع ۾ وفات کانپوءِ سڀ بار سندن ڪلھن تي اچي ويا. ننڍڙي عمر ۾ پڙھائي کي جاري رکڻو ۽ گھر کي به سنڀالڻو ھو. مير خادم ٽالپر ڪنڌرا ۾ ئي 27 فيبروري 1992ع ۾ JEST  جوائن ڪئي. نوڪري دوران پڙھائي کي جاري رکيو. سندس پي HST استاد ھو، سندس  وفات بعد هن ان جڳھه تي نوڪري کي جوائن ڪيو. سندس شوق ھو ته ريگولر پڙھي پر وقت ۽ حالتن سندس ساٿ نه ڏنو پر محنت ڪندي ھن بي اي 1993ع ۾ پرائيويٽ ڪئي. شاعراڻي ۽ صوفي طبيعت رکندڙ لطيف، سچل ۽ شيخ اياز جي شاعري پروگرامن ۽ محفلن ۾ ڳائي دوستن ۽ ٻڌندڙن جا من موھي ٿو وجھي. ڪنڌرا ۾ ڪلاس ٽيچر به رھيو پر سندس خواھش ھئي ته منھنجو فرزند به استاد جي پيغمبري پيشي سان رھي. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس پاس ڪري 2005ع ۾ ليڪچرار ٿيو ۽ گورنمينٽ بوزدار وڏا ڊگري ڪاليج ۾ رھيو ۽ ھاڻي ليڪچرار کان ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر جي عھدي تي ڪاليج ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي. موجوده تعليمي صورتحال تي سندس راءِ آهي ته ھن وقت اسڪولن ۾ پڙھائي تي ڌيان نه آھي، خاص ڪري سنڌي سبجيڪٽ تي ڌيان نه آھي. ٻيو ته خانگي تعليمي ادارا کلڻ سان سرڪاري ادارن ڏانھن والدين جو رجحان گھٽجي ويو آھي. والدين خوش آھن ته اسان جو ٻار خانگي ادارن ۾ پڙھي ٿو ان خوش فھمي ۾ آھن پر اتي ان کي سنڌي نه ٿي پڙھائي وڃي. اھو ٻار صحيح طرح لکي ۽ پڙھي نه ٿو سگھي. پنھنجي ٻولي سنڌي کي ترجيع ڏيڻ گھرجي. استاد ئي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن پنھنجي فرض ۾ ڪوتاھي نه ڪن ته بهتري اچي سگهي ٿي.

 

شفيق وساڻ

امر جليل کي جنم ڏڻ مبارڪ

 

سنڌ ۾ ڪيترائي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناولسٽ ۽ افساني نگار آهن انهن مان سنڌ جو هڪ اهم لکيڪ امرجليل آهي. امرجليل جو اصل نالو عبدالجليل ۽ والد صاحب جو عبدلغني قاضي آهي. امرجليل 8 نومبر 1936ع تي روهڙي ضلع سکر ۾ پيدا ٿيو. امرجليل شروعاتي تعليم روهڙي مان حاصل ڪئي. مٽرڪ ڪلاس اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي اي گورنمينٽ ڪالج نواب شاهه مان ڪئي ۽ ايم.اي ايڪناميڪس 1942ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. امرجليل ادبي سفر نوابشاهه ۾ پڙهڻ دوران شروع ڪيو. نوابشاهه ۾ ڪيترن ئي اديبن سان ملندو رهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو رهيو. ايم. اي ايڪناميڪس دوران امرجليل پابندي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ اڳتي هلي محسوس ڪيائين ته لکڻ منهنجي ضرورت آهي. ادب جي حوالي سان امرجليل آتم ڪٿا، ڪهاڻيون ۽ ناول ”نيٺ گونگي ڳالهيو“ لکيو آهي. امرجليل پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ 1956ع ۾ لکي جيڪا رسالي ”ادا“ نوابشاهه ۾ ڇپجي پڌري ٿي. امرجليل پهريون ڊرامو ”انسان“ لکيو جيڪو نيشل ٿيٽرس ڪراچي ۾ 1963ع ۾ اسٽيج ٿيو. امرجليل ادب جي حوالي سان صرف هڪ ڪهاڻيڪار ناهي پر هو هڪ مشهور سنڌي، انگريزي ۽ اردو ڪالم نويس به آهي. امرجليل سنڌ لٽريچر فيسٽول ۾ ڪيترن ئي سالن مسلسل شامل ٿيندو ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهندو آهي. امرجليل کي صرف پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو ناهي بلڪه ٻڌندڙن جو حلقو به هزارن ۾ آهي. مون امرجليل جي ڪهاڻين ۾ لفظن جي چونڊ ۽ انهن کي ترڪيب مان جام پرايو آهي. امرجليل جھڙا ليکڪ سنڌي ادب جا سرتاج هوندا آهن.

سنڌي ادب کي مون ميٽرڪ ڪلاس کان پڙهڻ شروع ڪيو. منهنجي دوست اجي ڪمان مونکي امرجليل جو ڪتاب ”دل جي دنيا“ ڏنو جيڪو سنڌي ادب جو منهنجي لاءِ پهريون ڪتاب هو. امرجليل جو اهو ڪتاب پرهڻ کانپوءِ مون کي امرجليل جون ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻڻ لڳيون، ڪهاڻين سان گڏوگڏ مون کي امرجليل جي هر لکڻي تمام گهڻي وڻڻ لڳي. دل جي دنيا پڙهڻ کانپوءِ مون کي امرجليل جي زندگي سچل سي سٽن جيان لڳي:

ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي

آئون جوئي آهيان، سوئي آهيان (سچل)

مون ان کانپوءِ ٽي وي تي امرجليل جو ڪلاس رومپروگرام ٻڌڻ شروع ڪيو. ڪيترائي امر جليل جا ڪتاب اڄ به اسان جي گهر ۾ رکيل آهن جيڪي آئون ورائي ورائي پڙهندو رهندو آهيان. اڄ امر جليل جي سالگرهه  آهي کيس جنم ڏينهن جون واڌايون پيش ڪريان ٿو.

 

عزيزالله خاصخيلي/ ميرپورخاص

ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي مان واپس موڪلڻ جو سلسلو

 

ڪراچي ۾ تيار ڪيل ميگا ٽينٽ سٽي ڪنھن کي آباد ڪرائڻ لاءِ آهي ؟؟  ڌرتي ڌڻين کي انڌيري راتين ۾ خاموشي سان سرڪاري ڪيمپن مان اڳ ۾ ئي تباھ ۽ برباد ٿي ويل ڳوٺن ۽ شھرن ڏانھن  واپس موڪلڻ جو مشن تيز ڪيو ويو آهي. افغانين ۽ ڌارين جي دوست حڪمرانن ۽ حڪمران پارٽي جيڪا گذريل 15 سالن کان سنڌ تي  لاڳيتو ڌرتي ڌڻين جي ئي ڏنل ووٽن سان حڪمراني ڪندڙ  حڪمرانن تازين برساتن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ سڀ ڪجهه تباھ ۽ برباد ٿي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي دل ۽ تخت گاھ ڪراچي ۾ خالي ھٿين  پھتل ڌرتي ڌڻين کي فوري طور تي ڪراچي ۾ حڪومت پاران روزگار ۽ گھر ڏئي آباد ڪرائڻ لاءِ سول سوسائٽي سميت سياسي سماجي ۽ ساڃاھ وند ڌرين پاران گڏجي لڳاتار  زوردار آواز  اٿارڻ جي موٽ ۾ حڪمرانن مجبور ٿي ڪري ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ لاءِ گلشن حديد جي لڳ لنڪ روڊ تي لڳ ڀڳ 100 ايڪڙ سرڪار زمين تي ٺاھيل ميگا ٽينٽ سٽي (جيڪا تقريبن تيار ٿي وڃڻ جي باوجود ) تيار ڪري فوري طور تي متاثر ٿيل ڌرتي ڌڻيڻ کي رھائش لاءِ ڏيڻ بجاءِ منظم رٿابندي تحت بيروڪريسي جي سھولت ڪاري سان انڌيري راتين ۾ خاموشي سان ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي ڳوٺن ۽ شھرن ڏانھن واپس موڪلي مجبورن کليل آسمان ھيٺيان بک ۽ بيمارين سميت بدحالي واري حالت ۾ بي يارو مددگار ويھاري جلد مرڻ لاءِ موڪلڻ جو مشن تمام گھڻو تيز ڪيو ويو آھي. مٿين ڏکائيندڙ ۽ افسوسناڪ صورتحال جي ڄاڻ ( سالن کان ڪراچي ۾ رھندڙ ) حڪومت سان تمام وڏي ھمدردي رکندڙ دانشور ٽي ڏينھن اڳ ٿيل ڳالھه ٻولھه ۾ ڏني ھئي، جنھن جي تصديق گذريل ڏينھن سچل ڳوٺ جي آسپاس وارن علائقن ۾ قائم ڪيمپن ۾ رھندڙ متاثر ڌرتي ڌڻين پڻ ڪئي آھي.

 

شفيق جسڪاڻي/ ڪراچي

 

ڪاميابي جا 7 اصول: اچو ته عمل ڪريون!

 

گذريل چٺي ۾ مون توهان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ بابت اصولن جي وضاحت ڪئي هئي هاڻ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ انهن جو مطالعو ڪنداسين. اهي 7 عادتون پڻ نئين نقطه نظر جي نمائندگي ڪن ٿيون.

1 سرگرم ٿيو:

سرگرم ٿيو ان جو مطلب آهي ته اسان ذميواري کڻون ٿا ته اسان جي زندگي ۾ ڇا ٿئي ٿو.

جيڪڏهن اسان لفظ جي جواب مان ريسپانسبلٽي. ان جو مطلب  آهي ته  توهان وٽ پنهنجي جواب جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي. ماڻهو الزام هڻندا آهن. مطلب ته جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو ان جو الزام ماءُ، پيءُ، آفيس، اسڪول يا ڪنهن حڪومت تي مڙهيندا آهن. اتي، رد عمل وارا ماڻهو انهن جي ماحول کان متاثر ٿي ويندا آهن جيئن انهن جو مزاج هوندو آهي. اڄ موسم ڪيئن آهي يا انهن جي آس پاس جي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪجي؟ اتي، سرگرم ماڻهو پنهنجي موسم  ساڻ کڻي گهمندا ڦرندا آهن. ائين به ناهي اڳواٽ ماڻهن سان ڪڏهن به ڪجهه نه ٿيندو هجي، پر اهي ڄاڻندا آهن ته انهن شين يا عملن مان ڪيئن اثرائتو ٿيڻ بجاءِ پاڻ فيصلا ڪئين ڪجن؟ اسان ڪيترن ئي شين جي باري ۾ سوچيندا آهيون جيئن حڪومتي نظام، اسان جو سماج، تعليم، صحت، ماليات، اهي سڀ اسان جي تسلسل جي دائري ۾ اچن ٿا. انهن مان ڪجهه شيون اسان جي اثر جي دائري هيٺ اچن ٿيون. فعال ماڻهو پنهنجو وقت ۽ توانائي شين تي خرچ ڪن ٿا.  مطلب اهي شيون جيڪي اهي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا ۽ پاڻ کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. انهي طريقي سان اهي وڌيڪ موثر طريقي سان ڪم ڪري سگهن ٿا.

 

عبدالحيلم ڏاهري/ نوابشاهه

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلانه حملو

 

عمران خان جو لانگ مارچ جڏهن وزيرآباد شهر جي چوڪ تي پهتو جتي عمران خان کي خطاب ڪرڻو هو. اتي عمران خان تي قاتلانه حملو ٿيو. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان هن وقت تاريخ جي نازڪ ترين دور مان گذري رهيو آ. 1951 ۾ راولپنڊي ۾ ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان کي گولي هڻي ماريو ويو ۽ ٿڏي تي حمله آور به ماريو ويو. 2007 ۾ پاڪستان جي ٻه دفعا وزيراعظم رهندڙ پ پ پ چيئرمين بينظير ڀٽو کي به راولپنڊي ۾ ان وقت شهيد ڪيو ويو جڏهن اها جلسي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي. هاڻي سال 2022 جي شروعات ۾ وزيراعظم جي عهدي کان تحريڪ عدم اعتماد ذريعي هٽائڻ کان بعد عمران خان هڪ لانگ مارچ جي قيادت ڪري رهيو هو. جنهن جو مقصد وقت کان پهريان اليڪشن لاءِ عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ هو. جنهن تي به قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ هو زخمي ٿي پيو. حملو ڪرڻ ۽ عمران خان کي قتل ڪرڻ جي دعوى ڪندڙ قاتل جا ڪلپس سڄي پاڪستاني ميڊيا تي موجود آهن. عمران خان تي حملي خلاف پي ٽي آءِ طرفان سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو. تحريڪ انصاف جو وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ايف آءِ آر ۾ دير تي تشويش ظاهر ڪئي ۽ حڪومت پنجاب تي الزام هنيو. عمران خان ٽن ماڻهن کي حملي جو ذميوار قرار ڏنو. سڀني جو مطالبو آهي ته انصاف ملڻ کپي پر اڄ تائين انصاف ڪنهن کي به ناهي مليو. ائين لڳي رهيو آهي ته ڪشيدگي ۾ وڌيڪ اضافو هوندو. ان کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اقدام هجڻ کپن. حڪومت لانگ مارچ روڪڻ چاهيندي هئي، رڪجي ويو، هاڻي ڪشيدگي وڌائڻ کي روڪڻ جي ضرورت آهي. بينظير صاحبه جي شهادت وقت ائين لڳي رهيو هو ته پاڪستان وڏي سياسي استحڪام طرف گامزن آهي. پر عمران تي قاتلانه حملي کان بعد هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان لاءِ هن وقت استحڪام حاصل ڪرڻ گهڻو مشڪل لڳي رهيو آهي.

 

محمد اسلم سومرو/ کرڙاھ ٺري ميرواھ

 

 

سنڌ جي ٻھراڙين جا بند پيل اسڪول ڪڏهن کلندا؟؟؟

سنڌ جي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري  ايجوڪيشن کان سوال آهي ته ڇا دنيا جي مھذب ملڪن ۾ ائين ممڪن آهي ته اسڪول ٺاھي انهن اسڪولن کي جانورن جي واڙن ۽ اوطاقن يا ڀوتارن جي ڀانڊن ۾ تبديل ڪري ڇڏجي؟ سنڌ جي اڪثر ٻھراڙين ۾ بنيادي تعليم جا ادارا بند پيل آهن مثال ۽ ثبوت طور اسان جي يونين ڪائونسل سيھڙ جي ڳوٺن جا پرائمري اسڪول آهن جن ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول يار علي چانڊيو آهي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي. يار علي چانڊيو اھو ڳوٺ آهي جنهن جي آبادي ھزارن ۾ آهي جتي پنجن سالن کان ڏھن سالن جي عمر جا سوين معصوم ٻارڙا آهن جيڪي تعليم کاتي جي نااھلي جي ڪري تعليم کان محروم آهن. ٻيو سيھڙ جو گورنمينٽ  گرلز پرائمري اسڪول آهي جيڪو به گذريل ٻن ڏھاڪن کان بند آهي. سيھڙ ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن جون سوين ھزارين نياڻيون تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن. وزير تعليم سردار شاھ ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ کان سوال آهي ته اسان جي يونين ڪائونسل سيھڙ سميت سنڌ جي ٻھراڙين جا جيڪي به اسڪول بند پيل آهن اھي ڪڏهن کلندا؟ دنيا روز جدتن جو سفر طئي ڪري رھي آهي ۽ سنڌ جا ٻچا تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن  ڇو؟ ان جي پويان توهان جا ڪھڙا مقصد آهن؟ نااھل ماڻھو جي پھرين نشاني اھا ھوندي آهي ته ھو پنهنجي نااھلي ۽ ناڪامي لڪائڻ جي لاءِ بھانا گھڙيندو آهي. توهان وٽ به ڪيترائي بھانا ھوندا جن ۾ اسٽاف جي کوٽ فرنيچرز جي کوٽ سيلاب ۽ ٻيا به ڪيترا سبب ھوندا پر سائين ھاڻي سنڌي قوم جي ٻچن تي رحم ڪري سنڌ جي ٻھراڙين ۾ جيڪي به بند پيل اسڪول آهن، اھي کولرايو ۽ جيڪي اسڪول کليل آهن انهن ۾ استادن جي حاضري وقت جي پابندي ڊسيپلين ۽ معياري تعليم کي يقيني بڻايو ته سنڌ توهان جي شڪر گذار رھندي.

 

مور چانڊيو/ سيھڙ

 

سگا جي ڪائونسل آف ميمبرس جا فيصلا

 

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪائونسل آف ميمبرس جو اهم اجلاس حيدرآباد ۾  چيئر پرسن علي حسين بروهي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس جي ڪارروائي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن هلائي.گڏجاڻي ۾ سگا جي ڪائونسل آف ميمبرس وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو ۽ سگا طرفان مارچ 2022ع تي ڪراچي ۾ شاهه عبداللطيف عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. جيڪا ميمبرس سبڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مدنظر رکندي ڪنهن ٻئي وقت تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ سنڌ سرڪار کان اها گهر ڪئي وئي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي ترت آبادڪاري لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ۽ سياري واري ايندڙ موسم کان اڳ متاثرن جي رهائش ۽ ٻين ضرورتن جهڙوڪ زراعت، مال مويشي ۽ ڀاڻ مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ جو 80 سيڪڙو علائقو ٻوڏ جو شڪار ٿيو آهي. انهي جي بحالي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا وڃن ۽ متاثر زميندارن ۽ هارين جا سمورا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن ۽ سنڌ سرڪار طرفان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اعلان ڪيل گهر، امدادي رقمون بنا دير ادا ڪيون وڃن ۽ متاثر خاندانن کي ترت روزگار مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ ۾ لکين غيرقانوني رهائشي پرڏيهين کي ادارن ۽ اختياري وارن طرفان ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ جاري ڪري سنڌ جو شهري بنائڻ تي تمام گهڻي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار ۽ واسطيدار ادارن جي اختياري وارن جي اهڙي قسم جي عمل جي سختي سان مخالفت ڪئي وئي ۽ پرڏيهين کي جاري ڪيل ساڍا چار لک شناختي ڪارڊ بنادير رد ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي ۽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث عملدارن خلاف تاديبي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ جي شهرن ۾ وڌندڙ ڏوهن تي تمام بيحد افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي مڇرڪالوني واري علائقي ۾ ٽيلي ڪام ڪمپني جي ٻن سنڌي نوجوانن انجنيئر ۽ ڊرائيور کي ڏوهارين جي هڪ گروهه طرفان ڏينهن ڏٺي وحشياڻي طريقي ۽ دهشتگردي سان قتل ڪيو ويو. اجلاس طرفان ان انسانيت سوز سانحي تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏيارڻ جي گهر ڪئي وئي. وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ موجود سمورن غيرقانوني پرڏيهين افغانين، بنگالين، برمين کي ترت نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي شهرن ۾ امن قائم ٿي سگهي. ڪراچي جي ويجهو نوري آباد وٽ ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن جي ڀريل بس کي باهه  لڳڻ سبب 18 معصوم انسانن جي سڙي مري وڃڻ واري واقعي تي تمام گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ ٽرانسپورٽرن طرفان گاڏين ۾ حفاظتي انتظام نه ڪرڻ ۽ انتظاميا طرفان انهن ڏوهن تي اکٻوٽ ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سگا جي اجلاس ۾ عوام جي امنگن جو اظهار ڪيو ويو آهي انهن جي مطالبن تي حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شهر