فضل الرحمان ۽ نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ، حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي صلاح مشورا

0
255

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي پي ڊي ايم مان نيڪالي بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعي موجب، مولانا فضل رحمان ۽ نواز شريف حڪومت خلاف تحريڪ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ذريعن موجب، رمضان کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.