لاهور (بيورو رپورت) مسلم ليگ نواز جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته دٻاءُ وجهي راتو رات رائيونڊ جي زمين جي دستاويزن ۾ تبديلي ڪئي وئي، عمران خان جي سرپرستي ۾ شهزاد اڪبر منصوبو ٺاهيو ته رائيونڊ جو گهر ڪيرايو وڃي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته بورڊ آف روينيو جي عملي کان گن پوائنٽ تي رڪارڊ تبديل ڪرايو ويو ۽ پرائيويٽ لينڊ کي اسٽيٽ لينڊ بڻايو ويو، عدالت روڪي ڇڏيو نه ته انهن جو منصوبو تيار هو، عمران خان بغض نواز ۽ شهباز ۾ اهو سڀ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي ڪميشن کائيندي پڪڙيو ويو، دستاويزن ۾ ڦير ڦار ڪندڙن جي باري ۾ اسان کي خبر آهي، رائيونڊ جي سڄي ايراضي 1992ع کان شريف خاندان جي ملڪيت آهي، حڪمران ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن، شريف فيملي يا اتي رهندڙن کي ڪو نوٽيس نه ڏنو ويو، شريف خاندان وٽ موجود رڪارڊ ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته بدمعاش ٽولي جو فوڪس بورڊ آف روينيو ۽ رائيونڊ ۾ شريف خاندان جو گهر آهي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ نظريو دفن ٿي ويو ته شريف خاندان جي گهر تي سڄي مشينري لڳائي وئي، همت يا جرئت آهي ته عمران خان جاتي امرا جو گهر ڪيرائي ڏيکاري.