لاهور(بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب فردوس عاشق اعواڻ پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خصوصي معاون واري عهدي تان استعيفا ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن وزيراعظم عمران خان سان به ڳالهايو آهي، وزيراعظم جي جواب بعد هوءَ حتمي فيصلو ڪندي. ذريعن موجب فردوس عاشق ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪيو، چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي اليڪشن ڪميشن کيس نوٽيس به جاري ڪيو هو، اهڙين پابندين کان بچڻ لاءِ هن عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، فرودس عاشق پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ ضمني چونڊ جي مهم ۾ ڀرپور انداز ۾ حصو وٺڻ لاءِ استعيفا ڏيڻ چاهيان ٿي. فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي استعيفا ڏيڻ جو باضابطه اعلان ڪندي.