ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ طالبان کان 24 ضلعن تان ڪنٽرول ڇڏرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته گلبدين حڪمتيار طالبان کي مدد جي مشروط آڇ ڪندي جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. مليل اطلاعن موجب افغان فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته افغانستان ۾ 24 ضلعن تان طالبان جو قبضو ختم ڪرايو ويو آهي. افغانستان جي مختلف علائقن ۾ طالبان ۽ افغان فورسز ۾ چڪريون ٿيون، افغان دفاعي وزارت پاران 233 طالبان مارڻ جي دعويٰ پڻي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته اهي طالبان ننگرهار، غزني، هلمند، قندوز ۾ آپريشن دوران ماريا ويا. هوڏانهن آمريڪا طالبان کان افغانستان ۾ پرتشدد ڪارروايون روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، افغانستان ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ موجود غيرملڪي مشنز جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته طالبان جون پرتشدد ڪارروايون انهن جي پرامن هجڻ واري دعويٰ جي ابتڙ آهن، طالبان جي اثر هيٺ علائقن ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ جا اطلاع آهن، طالبان کي تشدد جون ڪارروايون روڪڻ گهرجن. هوڏانهن حزب اسلامي جي سربراهه گلبدين حڪمتيار اشرف غني جي حڪومت اسان کي طالبان خلاف وڙهڻ لاءِ هٿيار فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر اسان اها رد ڪري ڇڏي، اسان امن چاهيون ٿا. ويڙهه نه. هن چيو ته اسان اشرف غني کي عبوري حڪومت قائم ڪرڻ ۽ چونڊون ڪرائي اقتدار منتقل ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ سڀ کان پهرين فوري طور جنگبندي ڪئي وڃي، طالبان شهرن تي قبضو ڪري وڃن ۽ ملڪ ۾ بدامني هجي ته بدبختي قائم رهندي، طالبان پر امن رستو اختيار ڪند ته سندن ساٿ ڏينداسين.