ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي  وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽيءَ ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي فاطمه  ڀٽو جي آمريڪي نوجوان  گرھام ( جبران ) سان شادي  ٿي وئي، سندس ڀاءَ  ذوالفقار علي  ڀٽو جونيئر  پنهنجي ٽوئيٽ اهڙي تصديق ڪندي  ڄاڻايو آھي ته فاطمه  ڀٽو جو نڪاح 70 ڪلفٽن ۾ ٿيو آھي، انهي تقريب ۾ ڀٽو خاندان جي مختلف شخصيتن ۽ فاطمه  جي ساهيڙين شرڪت ڪئي