حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، ميمبر ايف اي سي لالا رحمان سمون ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جي نائب صدر ظفر هڪڙو وفد جي صورت ۾ گذريل ڏينهن سانگهڙ پريس ڪلب پهچي سانگهڙ ضلعي جي سينيئر صحافين رضا خان پٺاڻ، انجم آفتاب نظاماڻي، اسلم ميمڻ، امير بخش بڙدي ۽ ٻين سان ملاقات ڪري صحافي غلام قادر شر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي واري واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻن خالد کوکر ۽ لالا رحمان سمون سانگهڙ جي صحافين کي پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي طرفان هر حوالي سان هر ممڪن ساٿ ڏيڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته سڄي سنڌ جا صحافي زخمي صحافي غلام قادر شر ۽ سانگهڙ جي صحافين سان سندن جدوجهد ۾ گڏ آهن. هنن چيو ته سنڌ جي صحافين کي اڳ ۾ به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. اظهار جي آزادي جو حق آئين نه رڳو صحافين کي پر هر عام شهري کي به فراهم ڪري ٿو. صحافي غلام قادر شر اڪيلو ناهي. سنڌ سميت ملڪ جا صحافي ساڻس گڏ آهن. پوليس يا بااثر سياسي ڌريون پنھنجو قبلو درست ڪن. روايتي طريقن سان ڪيس کي ڪمزور ڪري جوابدارن کي تحفظ مھيا ڪرڻ جون ڪوششون بند ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ايڇ يو جي پاران سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪري سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به وڏي پئماني تي احتجاج ڪيو ويندو. هنن سنڌ حڪومت کان ھڪ دفعو ٻيھر گھر ڪئي ته ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ سانگهڙ جي زخمي ٿيل صحافي غلام قادر شر جو سرڪاري خرچ تي مڪمل علاج ڪرايو وڃي. اڳواڻن ان خدشي جو پڻ اظھار ڪيو ته مقامي پوليس بااثر وڏيرن جي چرچ تي صحافي تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو ڪيس سنڌ ۾ صحافين، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٽڪراءُ طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ان لاءِ سنڌ جو اطلاعات کاتو, سنڌ حڪومت ۽ پ پ جي قيادت معاملي جو نوٽيس وٺي. گڏوگڏ سانگهڙ جي پوليس ڪيس لوڙھڻ واري ڪوششن کي ختم ڪري ٻي صورت ۾ پي ايف يو جي ۽ ايڇ يو جي پنهنجي زخمي صحافي غلام قادر شر جي ڪيس ۾ انصاف لاءِ احتجاج جو سڏ ڏيندي.