غزه/القدس (م ڊ) فلسطين جي علائقي غزه تي اسرائيل ٻئي ڏينهن به بمباري ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. پرڏيهي يڊيا موجب شهيدن ۾ حماس جي سينئر ڪمانڊر محمد عبدالله فياض سميت حماس جا 15 ڪمانڊر به شامل آهي. شهيد ٿيل ٻارن جي تدفين ڪئي وئي جنهن دوران قيامت صغريٰ وارا منظر هئا، مائرون پنهنجي ٻارن لاءِ رڙيون ڪنديون رهيون. هوڏانهن او آءِ سي عالمي برادري کان فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. او آءِ سي اسرائيلي بربريت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي اسرائيلي حملن کي بنيادي انساني حقن ۽ اخلاقيات خلاف قدم قرار ڏيندي چيو ته شيخ جراح ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهندڙ ماڻهن جي جبري بي دخلي جو خطرو آهي تنهن ڪري عالمي برادري فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. او آءِ سي جي اجلاس ۾ اسرائيلي ڪاررواين خلاف گڏيل بيان جاري ڪرڻ جي پاڪستاني تجويز سميت ترڪي ۽ سعودي عرب جي جنرل اسيمبلي جو خاص اجلاس گهرائڻ جي تجويز به منظور ڪئي وئي. هوڏانهن عالمي اداري يونيسيف تصديق ڪئي آهي ته 29 فلسطيني ٻارڙا زخمي ٿيا آهن جن ۾ هڪ سال جو ٻارڙو به شامل آهي، زخمي ٻارڙن کي مٿي ۽ ڪرنگهي ۾ گوليون لڳيون آهن. هيستائين 870 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿيا آهن. هو ڏانهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن اردن ۾ اردني هم منصب ايمن سفدي سان ملاقات ڪئي ۽ فلسطين ۾ ڌرين کي پرامن رهڻ ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته اسان جي صورتحال تي نظر آهي ۽ ان تي سخت ڳڻتي آهي، تشدد فوري طور روڪڻ گهرجي، هن چيو ته اسرائيل کي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو حق آهي آمريڪا کي حرم شريف ويجهو مڇرائيندڙ قدمن تي ڳڻتي آهي. سموريون ڌريون ڇڪتاڻ کي گهٽائين، امن قائم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، شيخ جراح ڪئمپ خالي ڪرائڻ واري اسرائيلي فيصلي کي ملتوي ڪرڻ جي آجيان ڪريون ٿا پر اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. حرم شريف جي خدمتگار ملڪ اردن جي پرڏيهي وزير ايمن السفدي جو چوڻ آهي ته يروشلم ريڊ لائن آهي ۽ اتي امن قائم ڪرڻ اهم ڳالهه آهي. اسرائيل مڇرائيندڙ قدمن کان پاسو ڪري. رپورٽن موجب اسرائيل سومر جي ڏينهن کان هيستائين 130 حملا ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿيون آهن جنهن ۾ هڪ اسڪول به شامل آهن. فلسطيني صدر محمود عباس حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي.