لنڊن (م ڊ) نوبل انعام يافتا علم راڻي ملالا يوسفزئي فلسطين تي اسرائيلي ملي ۽ ان ۾ ٻارن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته يروشلم ۾ تشدد خاص طور تي ٻارن تي تشدد برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي تڪرار ڪيترن ئي ٻارن جي زندگين ۽ مستقبل کسي ويو آهي، دنيا جا اڳواڻ فوري طور تي قدم کڻن، جيڪڏهن ٻارڙا ۽ عام شهري محفوظ ناهن ته ڪو به ماڻهو محفوظ نه هوندو ۽ نه ئي امن قائم ٿيندو.