عيد تي هڪٻئي سان ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪريو:ناصر شاھ

0
390
 ناصر شاهه پاران پريا ڪماري جي اغوا ۾ سنگرار جي شاهن جي ملوث هئڻ جي ترديد
 ناصر شاهه پاران پريا ڪماري جي اغوا ۾ سنگرار جي شاهن جي ملوث هئڻ جي ترديد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عيد تي هڪٻئي سان ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪريو، پري کان ئي عيد مبارڪون ڏيو، عيد نماز به کليل جاين تي ادا ڪئي ويندي، وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جي اجلاس بعد صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي سخت فيصلا ڪيا ويا، ريسٽورنٽس کي هوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي جي مشروط طور اجازت ڏني وئي آهي، ريسٽورنٽ اندر ڪرسيون نه رکيون وينديون ۽ اُتي ويندڙ شهري گاڏي کان هيٺ نه لهندا، ڪورونا جا خطرناڪ ۽ مختلف قسم اچي ويا آهن، عوام کي وڌ کان وڌ احتياط جي اپيل ڪريون ٿا، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سخت ايڪشن کنيو ويندو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ عيد جي موڪلن دوران به ڪورونا سينٽرز کُليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.