مختلف شهرن ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تي ايف آءِ اي جا ڇاپا

0
258
ايف آءِ اي محسن بيگ

ڪراچي(نمائيندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايف آءِ اي جا يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا جاري آهن، سکر ۽ خيرپور ضلعن جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا ھنيا ويا، جنهن دوران يوٽيلٽي اسٽورن تان سبسڊي وارن شين جو رڪارڊ پڻ کنيو ويو، ان سلسلي ۾ سکر سٽي، نمائش گرائونڊ، روھڙي، پيرجوڳوٺ، ٺيڙھي جي يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا ھنيا ويا، ايف آءِ اي طرفان ايس ايڇ او نثار ساوند، انسپيڪٽر عابد مري ۽ ثانيا قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ ڇاپا ھنيا ويا، اختيارين جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي ڪارپوريشن ۾ سسبڊي وارن شين ۾ گهوٻيون، ڪرپشن توڙي منافعي خور واپارين کي سبسڊي واريون شيون فروخت ٿيڻ جي شڪايتن تي ايف آءِ اي ڪاروائي ڪئي. گذريل چئن ڏينھن کان ايف آءِ اي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي مختلف ويئر ھائوسز توڙي يوٽيلٽي اسٽورن تي ڇاپا ھنيا، ڇاپن دوران پنجن مھينن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو وتو، ڇاپن دوران اٽي ۽ کنڊ جي ماپ پڻ گھٽ ھجڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي.