ملتان (م ڊ) جماعت اسلامي جي ٽرين مارچ جو ٻيو مرحلو ملتان کان اسلام آباد ڏانهن روان دوان ٿي ويو، جماعت اسلامي  جي امير سراج الحق چيو آهي ته عوام جو حڪمرانن جو خزانو ڀرڻ وڃي بچيو آهي، حڪمرانن جي پاليسي آهي ته کائو پيئو عيش ڪريو، هي عوام کي غلام سمجهن ٿا، هن چيو ته آءِ ايم ايف جي بابو کي آڻي اسٽيٽ بينڪ ۾ ويهاريو ويو، پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم هن ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ آهن.