موهن جو دڙو (ن پ ا) ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. سڃاڻپ  ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پنھنجا گهر اڏي ويٺل شر برادري جي نوجوان 27 ورهين جو رجب شر طور ٿي آهي. وارثن جو چوڻ هو ته ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، 8 مهينا اڳ هتي لڏي اچي ويٺا آهيون، نوجوان کي رستي ايندي نامعلوم ماڻهن گولين جو کاڄ بڻايو آهي. هوڏانهن ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي مان گوليون لڳل نوجوان جو لاش مليو آهي، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون، ايئرپورٽ پوليس نوجوان جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو.