عمرڪوٽ (رپورٽر) شيواڻي پاڙي ۾ جنتا مالهي سان مبينا زيادتي بعد گهر جي رڌڻي ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ اچڻ واري واقعي کي هڪ سال پورو ٿي ويو آهي، سندس گهر ۾ پهرين ورسي ملهائي ويئي، ٻئي پاسي وارثن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن، شاگردن ۽ شهرين جو وڏي تعداد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو مقتولا جنتا مالهي جي قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار جئه هرچنداڻي جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي وارثن ۽ شهرين خطاب ڪندي چيو ته مقتولا جنتا مالهي جي قتل ٿيڻ کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر جنتا مالهي جو مُک جوابدار جئه هرچنداڻي گرفتار ناهي ٿي سگهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار جئه هرچنداڻي کي گرفتار ڪري جنتا مالهي جي وارثن کان  انصاف ڪيو وڃي.