عمرڪوٽ (رپورٽر) ٻه ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ منو مالهي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان مالهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل ڀيرو مالهي جي ڪيس ۾ گرفتار ٽن جوابدارن پرڪاش مالهي، ڪرمچند مالهي ۽ چتون مالهي کي پوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٽنھي جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس ڪيس جي چئن جوابدارن چندن مالهي، پون ڪمار، رام مالهي ۽ دليپ ڪمار کي اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.