ڪنڊيارو(رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪ اپ جي واش روم مان مليل پيرسن جي لاش واري معاملي کي پوليس خودڪشي قرار ڏيڻ لاءِ سرگرم، ايس ايس پي ڊي ايس پي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو، جاچ ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. خبر موجب گذريل ڏينهن ڪنڊيارو ٿاڻي جي لاڪپ جي واش روم مان ڳوٺ علينواز ڏيپر جي رهواسي 60 سالا موريو ڏيپر جي لاش ملڻ واري معاملي کي پوليس آپگهات قرار ڏيڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ ايس ايس پي نوشھرو فيروز قيوم پتافي هڪ زباني حڪم تحت ڀريا سٽي جي ڊي ايس پي عبدالستار اڄڻ کي جاچ آفيسر مقرر ڪري معاملي بابت رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڊي ايس پي حڪمنامي بابت تصديق ڪندي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪري ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ ايس ايس پي حوالي ڪئي ويندي، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڪنڊيارو ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحم حسين واسواڻو ۽ اي ايس آءِ حنيف خانزادي سميت ٿاڻي جي ڪنهن به عملدار خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آھي، هوڏانهن پيرسن موريو ڏيپر جي تدفين رات دير سان اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس ظلم جي انتها ڪئي آھي، هن مهل تائين پيرسن تي تشدد ۾ ملوٽ ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ سميت ٿاڻي جي ڪنهن به اهلڪار خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن خدشو ظاهر ڪيو ته پوليس پيرسن جي خون کي لوڙهڻ چاهي ٿي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.