لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي محمدي ڪالوني ۾ پيڪن ۾ ترسيل مڙس هٿان قتل ٿيل ٻن ٻارن جي ماءُ ثريه واري واقعي جو ڪيس مقتولا عورت جي ڀاءُ علي عباس ڪلهوڙو جي فرياد تي حد جي سچل ٿاڻي تي گناهه نمبر 33/2021 قلم 302، 148 ۽ 149 پي پي پي تحت جوابدارن مقتولا عورت جي مڙس سجاد پٺاڻ، اعجاز پٺاڻ، وحيد پٺاڻ، سعيد پٺاڻ سميت 4 ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ڪرايو فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته گهرو اڻبڻت تان ڀيڻ ثريا کي سندس مڙس ۽ ٻين جوابدارن قتل ڪيو آهي. ان حوالي سان سچل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن قتل ٿيل عورت ثريه جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي مقتولا جي مڙس سميت 4 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو آهي اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.