ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) واپڊا عملي جي مبينا لاپرواھي ۽ غفلت سبب ٻن پورھيتن ۽ صدمي ۾ سندن ڀاڻيجي جي فوت ٿيڻ وارو مامرو، واقعي جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، صوبائي وزير ۽ صوبائي صلاحڪار پورھيتن جي ٿڏي تي پھچي ويا، خبر موجب 6 ڏينهن اڳ ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ بجلي جي ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻن سئوٽن محمد اشرف چانڊيو ۽ عبدالطيف چانڊيو ۽ صدمي ۾ سندن ڀاڻيجي مومل چانڊيو جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاھ نوٽيس ورتو، وڏي وزير جي هدايتن تي صوبائي وزير تيمور ٽالپر ۽ صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو فوتين جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي ۽ واقعي بابت تفصيل ورتا. ان موقعي تي تيمور ٽالپر صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته واقعي تي انتھائي گھڻو ڏک ٿيو آھي، جھڙي نااھل وفاقي حڪومت آھي اھڙا ئي نااھل انھن جا ڪارندا آھن، هن چيو ته سمجھه ۾ نٿو اچي ته جڏھن ڳوٺ وارن شڪايتون ڪيون پئي ته تارن کي درست ڪري ڏيو ته پوءِ انھن ايڏي وڏي غفلت ڪيئن ڪئي، هن چيو ته واپڊا وارن جي غفلت جي ڪري ٻه جانيون ضايع ٿي ويون. هن چيو ته سنڌ سرڪار متاثرن جي مالي مدد ڪندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏياريندي. ھوڏانھن چانڊيا برادري لاڙ پٽ جي چڱي مڙس ۽ صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته وفاقي ادارو نااھل آھي، ايڪسيئين، ايس ڊي او ۽ ٻيا ماڻھن کان رشوت وٺي پنھنجي من ماني ۽ مستيون ڪن ٿا،هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.