عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) عمر ڪوٽ ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان مالهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا سخت زخمي، 3 ڄڻا گرفتار. خبر موجب ڳوٺ منو مالهي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان مالھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنھن ڪھاڙيون، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ نرسنگھه مالهي، جئه مالهي، موهن مالهي ۽ ڀيرو مالهي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ کان حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته هڪ ڄڻو ڀيرو مالهي زخمن جي سٽ نه سهي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زخمي درگاهه شنڪر، شيوارام مالهي، موهن لال، ڀڳواني ۽ لڇمي کي سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪري ٽن ڄڻن پرڪاش مالهي، چتون مالهي ۽ نريش مالهي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.