عمرڪوٽ واسي جوڙو خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو

0
467

عمرڪوٽ واسي جوڙو

خيرپور (ن پ ا) عمرڪوٽ جي جوڙي مسمات عليشا انصاري ۽ حسين بخش ڌونڪاڻي خيرپور ۾ عدالتي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ۽ مائٽن جي ڌمڪين ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف احتجاج پڻ ڪيو

نوجوان چيو ته هڪ ٻئي جي رضا خوشيءَ سان نڪاح ڪيو آهي ناريءَ جا مائٽ ناراض ٿي قتل ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، تحفظ فراهم ڪري حياتيون بچايون وڃن

ڪراچي مان گم ٿيل ٽئين ڇوڪري جو نڪاح نامو به سامهون اچي ويو

ڪراچي مان گم ٿيل

ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي سولجر بازار مان گم ٿيل 25 ورهين جي دينار جي نڪاح جو سرٽيفڪيٽ به سامهون اچي ويو آهي

ذريعن موجب دينار وهاڙي ۾ اسد عباس نالي نوجوان سان شادي ڪئي آهي، جڏهن ته پوليس جي دعويٰ آهي ته گم ٿيل ڇوڪري پنهنجي مرضي سان گهر ڇڏي وئي آهي

ٻئي طرف سولجر بازار ٿاڻي تان ڇوڪريءَ جي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ جي گمشدگي جي درخواست به واپس وٺي ڇڏي، پوليس موجب دينار 22 اپريل تي گهر مان گم ٿي وئي هئي، واضح رهي ته ان کان اڳ ڪراچي مان گم ٿيل دعا ۽ نمره جا به نڪاح ناڪامه به سامهون اچي چڪا آهن

ھي به پڙھندا

دعا زهره ۽ سندس مڙس جو بيان سامهون اچي ويو