اسان جو پاڻي به قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جي زمينن کي ڏنو پيو وڃي، زميندار عدالت پهچي ويو

0
363
اسان جو پاڻي به قائم علي شاهه

سکر (ن پ ا)  خيرپور واسي زميندار زرعي پاڻي نه ملڻ خلاف هاء ڪورٽ پهچي ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سيد قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جي زمينن کي انهن جي مرضي موجب پاڻي ڏنو پيو وڃي پر اسان کي پاڻي جو ڍڪ به نٿو ملي

درخواست گذار عطاء الله ڦلپوٽو چيو ته اسان جي زمينن کي وقت سر گهربل پاڻي نٿو ملي، نتيجي ۾ فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، ساڳي ڪئنال ۽ مائنر مان قائم علي شاهه ۽ منظور وساڻ جي زمينن کي ڀرپور پاڻي ڏنو پيو وڃي

درخواستگذارچيو ته اسان جي حصي جو به پاڻي  بند ڪري ڄاڻايل بااثرن جي زمينن کي ڏنو پيو وڃي، ايريگيشن جي ذميوار آفيسرن وٽ به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لکت ۾ دانهيو آهي پر ايريگيشن عملدار ڳري رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪن ٿاشيخ رشيد کي مچ ۽ عمران خان

عدالت درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ڌرين ڏانهن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سيڪريٽري ايريگيشن، چيف انجنيئر، ايڪسيئن ۽ ڌر بڻايلن کي 31 مئي تي پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، ترقياتي ڪمن تي ڳالهه ٻولهه