ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، ترقياتي ڪمن تي ڳالهه ٻولهه

0
177
ڪراچي ۾ وڏي وزير جي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزیراعلي سنڌ سید مراد علي شاہه  جي صدارت هيٺ ورڪس اینڊ سروسز کاتي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزير ورڪس ضياءُ عباس شاہ، چيف سڪريٽري  سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي  حسن نقوي، پرنسپل سڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو،  وڏي وزير جو اسپشل سيڪریٽر رحيم سومرو، پي اينڊ ڊي ممبر فتح تنيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ترجمان موجب اجلاس ۾ نئين ايندڙ مالي سال 23-2022 جي سلسلي ۾ ڳالھ ٻولهه ڪئي وئي، وڏي وزير آبپاشي، ورڪس اینڊ سروسز ۽ مڪاني کاتن بابت پي اينڊ ڊي جي رھنمائي ڪئي ۽ نئين مالي سال ۾ جاري اسڪیمون مڪمل ڪرڻ جو فیصلو ڪيو ويو

وڏي وزير چيو ته جيڪي ڪم هلي رهيا آهن انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بجٽ اسٽیمیٽس تيار ڪيون وڃن، هن سال آبپاشي کاتي ۾ 152 اسڪیمون 13.6 ارب روپين جو ڪيون پيون وڃن

هن چيو ته هن سال آبپاشي کاتي جون نيون اسڪيمون شروع ڪيون وينديون، نئين اسڪیمن ۾ بند مرمت، ڪینال  لائننگ ۽ ٻيون اسڪیمون هونديون، هن سال ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾  27.9 ارب روپين سان 530 اسڪیمون جاري آهن

هن چيو ته لوڪل گورنمنٽ کاتي ۾ 425 اسڪيمون 225 ارب روپين جي لاڳت سان جاري آهن، پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ 198 اسڪیمون 11.23 ارب رپين جي لاڳت سان جاري آهن، رورل ڊيولپمينٽ کاتي ۾ 920 ملین روپين جي لاڳت سان 42 اسڪیمون جاري آهن

وڏي وزير جي چيئرمين پي اينڊ ڊي کي جاري اسڪيمن جي معيار ۽ ڪم جي رفتار چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نئين مالي سال ۾  هلندڙ اسڪيمون مڪمل ڪرڻ جو هدف هوندو