عمرڪوٽ: احساس ڪفالت رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ 16 ڄڻن جي ضمانت رد

0
461

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي رقم ۾ ڪٽوتي ڪندڙ 16 ڊوائيس مالڪن جي ضمانت رد ڪئي وئي آهي، بيواهه عورتن جي آيل پئسن مان 500 کان 1000 روپيا ڪٽوتي ڪرڻ جون خبرون هلڻ کانپوءِ انتظاميه حرڪت ۾ اچي 17 ڊوائيس مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو، هن جي عدالت ضمانت رد ڪري ڇڏي، احساس ڪفالت پروگرام جي انچارج ڀليڏنو ساند جي فرياد تي ڪٽوتي ڪندڙن 17 ڊوائيس مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جوابدار ڄاڻايل ڊوائيس مالڪن ۾ آفتاب علي، ڀمرو، راجيش ڪمار، جگديش ڪمار، آصف علي، راج ڪمار ۽ مڌن ڪمار سميت ٻيا ڄڻا شامل آهن.