شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ لڳ عيد تي پيڪين وڃڻ جي موڪل گهرڻ تان ڀاءُ جي سامهون عورت مڙس هٿان گوليون هڻي قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ سومر خان جتوئي ۾ جوابدار رجب علي شاهه پنهنجي 40 سالن جي زال 6 ٻارڙن جي ماءُ سرور خاتون کي ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي سنجر ڀٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت جي ڀاءُ جھان شاھ ٻڌايو ته پنهنجي ڀيڻ کي عيد جي موڪل وٺڻ لاءِ گهر ويس ته ڀيڻيوي رجب شاهه پنهنجي ٽن ساٿين سان گڏجي منهنجي ڀيڻ کي فائر ڪري منهنجي سامهون قتل ڪري ڇڏيو، ھن چيو ته ظالمن بيگناھ منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيوآھي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو.