لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو / شاھ محمد لاشاري) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام چئن سالن تائين سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي برداشت ڪيو، سمورين اپوزيشن پارٽين گڏجي اتحادي حڪومت ٺاهي شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊيو آهي جيڪڏهن عوام چئن سالن تائين عمران خان جي تباهي، ناجائز ۽ سليڪٽيڊ کي برداشت ڪيو آهي ته پوءِ ٿوري دير هن اتحادي حڪومت کي به موقعو ڏيو جيئن پاڪستان کي صحيح رخ ۾  آڻي، معاشي، جمهوري ۽ چونڊ سڌارا ڪري بعد ۾ اسين صاف ۽ شفاف چونڊن ڏانهن وڌي سگهون، لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري عمران خان مٿان ڇتي تنقيد ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن شخص چئن سالن ۾ جنهن طريقي سان هن ملڪ، معيشت ۽ معاشري کي نقصان پهچايو ان جو اندازو حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ ٿيو ته هن چار سالن ۾ ملڪ سان ڇا ڪيو؟ جنهن آءِ ايم ايف ڊيل تي اسين تنقيد ڪندا هئاسين جڏهن اهو کولي پڙهڻ شروع ڪيو ته حيران ٿي وياسين ته عوام سان ڪهڙو مذاق ڪيو ويو آهي، خان صاحب پنهنجي معاشي ڊيل جي ڀڃڪڙي ڪندي غير امدادي سبسڊي جي راند کيڏي جنهن جي ڪري پوري ملڪ کي معاشي نقصان ٿيو ۽ اسين ڊفالٽ جي ويجهو پهتاسين پر وزيراعظم ۽ ان جي معاشي ٽيم پاڪستان کي ڊفالٽ ۽ ڏيوالي کان بچائي ورتو. هن چيو ته مون کي پرڏيهي وزير جي جيڪا ذميواري ملي آهي ان سان مون کي پوري دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻي آهي اهو اندازو ٿيو آهي ته چئن سالن ۾ بين الاقوامي طور پاڪستان کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي؟ معاشي حالتون مشڪل آهن ۽ وڌيڪ مشڪل ٿيڻ واريون به آهن ان ڪري آءُ حيران آهيان ڇاڪاڻ ايترن ملڪن جو مون دورو ڪيو ان جو سبب اِهو آهي ته آءُ جتي به وڃان پيو اتي پاڪستان جي خلاف جيڪي غلط فهميون آهن انهن کي دور ڪيان ۽ معاشي مشڪلاتن کي دور ڪيون، اسان جو نعرو آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي تجارت تي مبني هجي ۽ اسين هر ملڪ سان تجارت ڪنداسين پر خيرات نه وٺنداسين اسين ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون ۽ هڪ مهيني کان مون اقوام متحده، چين، يورپي يونين، سعودي عرب، يو اي اي ۽ وزيراعظم سان ترڪي جو به دورو ڪيو تازو آءُ ايران جو دورو ڪري واپس آيو آهيان. هر هنڌ اها ڳالهه ڪئي آهي ته ماضي ۾ جيڪو به نقصان پهتو آهي اهو سڀ گذري چڪو آهي ۽ نئين اتحادي حڪومت  آئي آهي انشاءَ الله اسان پاڪستان جي نالي جو پوري دنيا ۾ دفاع ڪنداسين ۽ دنيا سان لاڳاپا بهتر ڪنداسين، اسان آمريڪا سان تجارت جي ڳالهه ڪئي ته پاڪستاني سرمائيدار به آمريڪا سان ڪاروبار ڪري سگهن ٿا اسان کي موقعا ڏنا وڃن ته پاڪستان جا سرمائيدار آمريڪا وڃي ڪاروبار ڪن، اسان هر هنڌ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ توهان ٻڌو هوندو ته فيٽف جي حوالي سان پاڪستان کي ڪاميابي ملي آهي جنهن جي ڪري پاڪستان مٿان ڪيتريون ئي پابنديون هيون ۽ هن اداري ۾ پاڪستان لاءِ ٻٽو معيار هو هڪ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي فائنسنگ جي ڪري پر هن حڪومت جي محنت ۽ جدوجهد جي ڪري ڪافي دير تائين فيٽف جي گهرجن کي پورو ڪيو هو، جن کان ڪم وٺڻو هو انهن کي اسان گاريون ڏينيون وينديون هيون ۽ ان جو نقصان پاڪستاني عوام کي پهتو. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستاني معيشت کي خوشخبري ملڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان پوري ملڪ ۾ سمورن سياسي جماعتن ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان سفر جي شروعات ڪري رهيا آهيون ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ فيٽف جي گري لسٽ مان نڪري وينداسين. هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جو ٻيو فوڪس اِهو آهي ته پاڪستان کي پهريون ڀيرو جي ايس پي پلس جو درجو مليو ۽ خان صاحب جي پرڏيهي ۽ انا واري پاليسي جي ڪري اها جي ايس پي پلس اسٽيٽس خطري ۾ آهي ان سان هارين، آبادگارن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي نقصان نه پهچي پر اسين ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون ته فيٽف جي ڪاميابي کان پوءِ جي ايس پي پلس ۽ پاڪستان جي ايڪسپورٽ لاءِ ٻي خوشخبري آڻيون، هي طريقو هوندو آهي حڪومت هلائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جو، ٻين کي گاريون ڏيڻ بجاءِ اوهان محنت ڪيون ان جو ڦل ضرور ملندو آهي. هن چيو ته هن وقت اسين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ جنهن وقت اسان جي جمهوريت، پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت خطري ۾ هئي ان جو ذميوار اڳ واري حڪومت ۽ معاشي بحران ۽ مهانگائي آهي جنهن ڪري پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي رهي هئي ۽ پاڪستان پوري دنيا ۾ اڪيلو بيٺو آهي ۽ پاڪستان جي رياست، حڪومت ۽ ادارا تڪراري ٿي ويا هئا ۽ اهو شخص اهو مجرم جيڪو پاڪستان جي عوام جو معاشي قتل جو مجرم آهي، پاڪستان جي جمهوريت جو جنازو کڻندڙ جو ذميوار آهي ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي آسوليٽ ڪرڻ جو ذميوار آهي ۽ اهو شخص عمران خان نيازي آزاد گهمي رهيو آهي ۽ ٻين تي الزام لڳائي رهيو آهي ايترو منافق شخص مون زندگي ۾ نه ڏٺو جيڪو پاڻ معيشت کي نقصان پهچائي ۽ انا جي ڪري ملڪ ۽ عوام کي نقصان پهچائي جيئن سندس ڪرسي بچي پر هن جي ڪرسي بچي نه سگهي ۽ ان جي نقصان جو بار عوام کڻي رهيو آهي، مان سمجهان ٿو ته اسان کي هن شخص کان حساب وٺڻ گهرجي ۽ پڇا ڪرڻ گهرجي ته اها تبديلي ڪٿي آهي؟ ۽ ڪٿي آهن اهي واعدا جيڪي اوهان ڪيا ۽ هن کان پڇڻ ڪرڻ گهرجي جيڪو شخص ڏينهن رات ڪرپشن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي اڄ ان جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون نڪري رهيون آهن، اهو ثابت ٿيو ته عمران خان جي ڪرپشن جو بيانيو 100 سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل هو، خان صاحب پوري توشه خانه کي خالي ڪري ڇڏيو، خاص صاحب توشه خان ۾ تحفا رکڻ کان اڳ وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ خان صاحب کي هڪ گهڙي تحفي ۾ ملي هن ان کي به وڪرو ڪري ڇڏيو، خان صاحب نه صرف اها گهڙي وڪرو ڪئي پر ان ئي ملڪ جي سربراهه جنهن کي پتو مليو ته پاڪستان جي وزيراعظم ان گهڙي کي وڪرو ڪيو آهي ان سربراهه ان گهڙي کي خريد ڪيو جيڪا نه صرف اسان جي ملڪ جي بيعزتي هئي، هي ماڻهو ڪرپشن جو درس ڏيندو هو چوندو هو ته 30 سال حڪمرانن ڪرپشن ڪري پئسو ٺاهيو ۽ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا الزام لڳائيندو رهيو ۽ جڏهن حڪومت ۾ آيو ته ڪرپشن لاءِ خاتون اول جي نالي تي ڪمپني ٺاهي ۽ ان ۾ خان صاحب، خاتون اول ۽ ٻيا ان ڪمپني ۾ آهن اها ڪمپني ڊڪليئر ڇو نه ٿي هاڻي ان ڪمپني کي ايف بي آر ۽ عدالت ۾ ڊڪليئر ڪرڻو پوندو، خان صاحب عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر خان صاحب کي خبر هجي ته هي سال 2018 ناهي هاڻي عوام تبديلي جي نعري کي سڃاڻي چڪو آهي هي نعرو اصل تبديلي جو نه پر تباهي جو نعرو آهي، نئون پاڪستان ٺاهيندي ٺاهيندي مهانگو پاڪستان ٺاهيو جنهن چيو ته خودڪشي ڪندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس ۽ اتي وڃي جهڪيو ۽ پاڻ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي هاڻي رهي ٿو ته هو ڪوڙ ۽ گار تي سياست ڪري. هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ڪارڪن، جيالا ۽ جياليون هيون جن هڪ ڏينهن لاءِ به ان سليڪٽيڊ ۽ ڪٺ پتلي کي تسليم نه ڪيو ۽ پهرين ڏينهن کان پنهنجي جدوجهد جاري رکندي پوري ملڪ کي ان ڳالهه تي قائل ڪيو ۽ اسان احتجاج ڪري روڊن تي نڪري پياسين پر سليڪٽيڊ کي ڪڍڻ لاءِ ڪو به غيرجمهوري رستو اختيار نه ڪيو هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻو جي نمائندي بي بي جو پٽ پاڻ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ به پيپلز پارٽي فيصلو ڪندي ته حڪومت قائم رهندي يا ختم ٿيندي.بلاول ڀٽو زداري چيو ته مون کي ڏاڍي خوشي آهي ته لاڙڪاڻو ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ کان لاڙڪاڻي شهر ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿي رهيو آهي، مان ايڏو ته خوش آهيان لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ جنهن جي ڪا به انتها ناهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته هوءَ به خوش هجي ها. هن چيو ته آءُ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه لاءِ آيو آهيان ۽ آءُ وفاقي وزير آهيان تنهن ڪري آءُ چونڊن تي نه ڳالهائيندس ۽ شهيد بينظير جا جيالا مهم هلائيندا. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي شاعري پيش ڪري پنهنجي خطاب جي شروعات ڪئي.