ڪراچي ( نمائندن وٽان) ملڪ جي اڳوڻي  وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، قائم مقام گورنر سنڌ ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين سان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. سجاول ۾ پ پ آفيس ۾ تقريب منعقد ڪري محمد علي ملڪاڻي، ارباب ڪامران وزير ميمڻ، عبدالستار لوهار، منظور رحيم پليجو۽ ٻين سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو.حيدرآباد ۾پ پ جي ضلعي صدر صغير قريشي ۽ ٻين شهيد بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪيڪ ڪاٽيو. صوبائي وزير ڄام خان شورو به موجود هو. خيرپور ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگره جي موقعي تي وڏي وزير جي خاص معاون نواب وساڻ جي رهائش گاهه تي هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. نواب وساڻ ۽ جيالن طرفان گڏيل طور تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو.ٺٽي ۾ پ پ ضلعي صدر انجنئير صادق علي ميمڻ جي رھائشگاھ تي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي رياض شاھ شيرازي، عبدالواحد سومرو، امتياز قريشي، عبدالحميد پنھور، غلام قادر پليجو، محمود عالم شاھ، ٻين شرڪت ڪئي. بينظير ڀٽو جي 69 سالگرھ  جي حوالي سان پٿورو شھر ۾  تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾  تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ ،نواب محمد يونس ٽالپر، امير علي شاھ،  سرفراز شاھ، سرتاج ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ميرواھ گورچاڻي  ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 69 هين سالگرهه  جو ڪيڪ  محمد اسحاق گورچاڻي، ايڊووڪيٽ ھيرا لال ميگهواڙ ۽ ٻين پاران ڪاٽيو ويو.