اسلام آباد: وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ناڻي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان ڳالهين بابت به آگاهي ڏني، ذريعن  مطابق ناڻي وزير مفتاح اسماعيل کان وزيرن مهانگائي جي حوالي سان سخت سوال ڪيا، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مان توهان جو دفاع نه ڪندس، توهان ڪابينا ميمبرن کي مطمئن ڪيو، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق ناهي، اضافو عالمي سطح تي ٿيو آهي، پهرين بجيٽ آهي جنهن ۾ اميرن تي ٽِڪس ۽ غريبن کي رليف ڏنو ويو آهي.